247

ميرپورخاص بورڊ ۾ غيرقانوني ڀرتين تي اڳوڻي چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري کي ٽيپ، 2 گرفتار

حيدرآباد/ميرپور خاص (نمائندن وٽان) احتساب عدالت ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ خرد برد ۽ غيرقانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي چيئرمين شفيق احمد کي 5 سال قيد ۽ ساڍا 13 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، اڳوڻي سيڪريٽري برڪت قريشي کي 5 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڊ ۽ جڏهن ته اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري ڪوثر شاھ کي 3 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي  وئي آهي، برڪت قريشي ۽ ڪوثر شاھ عدالت مان موجود هئڻ سبب گرفتار ٿي ويا، اڳوڻو چيئرمين شفيق اهمد حاضري تي نه هئڻ سبب گرفتار نه ٿي سگهيو، عدالت ٻن جوابدارن کي ڏوه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، نيب 2015ع ۾ ريفرنس داخل ڪندي ڄاڻايو ته بورڊ ۾ 2012ع ۾ ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪري جوابدارن 113 غيرقانوني ملازم ڀرتي ڪيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو