ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پنجاب ۾ ڪڻڪ في مڻ 1800 رپيا ڪرڻ جو فيصلو هارين سان دشمني قرار ڏئي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي به ڪڻڪ جي گهٽ اگهه تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ان سان ٻيهر بحران پيدا ٿيندو، تيل قيمتن ۾ 16 رپيا واڌ جو فيصلو عوام دشمن قرار ڏئي رد ڪريون ٿا، اوگرا ماڻهن ۾ خوف پکيڙي رهيو آهي، رپورٽ موجب سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جو في مڻ 1800 رپيا ڪرڻ جو فيصلو رد ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت کي به ڪڻڪ خريداري جي گهٽ اگهه تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڪڻڪ جي خريداري قيمت 2000 رپيا في مڻ مقرر نه ٿيڻ تي ملڪ ۾ ٻيهر ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، ملڪ جا سمورا آبادگار اڳ ۾ ئي معاشي طور بدحالي جو شڪار ٿي چڪا آهن، سنڌ حڪومت وفاق کي ڪڻڪ جو 2000 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، هن چيو ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ جو خريداري اگهه 1800 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي، اهو فيصلو هارين سان سڌي سنئين دشمني آهي، ان کي رد ڪريون ٿا، فيصلو واپس ورتو وڃي، ڪڻڪ جي خريداري قيمت گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اٽي جون قيمتون وڌي وينديون، پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جو اهو فيصلو هارين سان مذاق برابر آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب تيل قيمتن ۾ 16 رپيا واڌ جو فيصلو رد ڪندي چيو آهي ته اوگرا عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙي رهي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته دشمن قدم آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندوظلم اهو آهي ته هر 15 ڏينهن کانپوءِ پيٽرول جون قيمتون وڌايون پيون وڃن، مهانگائي تي ڪو به ڪنٽرول نٿو ڪيو وڃي، عوام کي مجبور ڪري رهيا آهن ته هن سسٽم کي هلندو ڪن، تيل قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺي عوامي پريشاني ختم ڪئي وڃي، هن چيو ته اوگرا رڳو تيل قيمتون وڌائڻ جون تجويزون ڏئي رهي آهي، موجوده مهانگائي جي صورتحال جو کين ڪو به پتو ناهي ته اهي ڇا ٿا ڪن.
193