راولپنڊي (م ڊ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل نديم رضا بحري امن مشق جو معائنو ڪيو، امن مشقن ۾ مختلف نوعيت جون ڊرلز شامل هيون، جڏهن ته ميري ٽائيم دهشتگردي جي روڪٿام جو شاندار مظاهرو ڪيو، امن مشقن ۾ 40 ملڪن جي نيول فورسز شرڪت ڪئي، جنرل نديم رضا مهارت کي ساراهيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي جنرل نديم رضا چيو ته پاڪستان خطي ۾ پرامن لاڳاپن جي اصولن تي قائم آهي. مشقن سان علائقائي تعاون ۽ استحڪام کي هٿي حاصل ٿيندي.
150