111

ٽرمپ سزا کان بچي ويو، آمريڪي سينيٽ پاران مواخذي جي ڪارروائي رد

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ سزا کان بچي ويو، آمريڪي سينيٽ مواخذي جي ڪارروائي رد ڪري ڇڏي آهي، آمريڪي سينيٽ جي 57 ميمبرن ٽرمپ کي ڏوهي قرار ڏيڻ جي حق ۾ ۽ 43 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته ٽرمپ کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي لاءِ سينيٽ ۾ ٻه ڏهائي اڪثريت گهربل هئي، ياد رهي ته ڊيموڪريٽس ٽرمپ تي 6 جنوري تي حامين کي پارليامينٽ تي حملي لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام هنيو هو. هوڏانهن ٽرمپ فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اڃا ته شروعات ٿي آهي، ايندڙ مهينن ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو، سينيٽ جو فيصلو آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائڻ جو تاريخي ۽ خوبصورت لمحو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو