112

ملڪ کي ڪرپشن کان بچائڻ لاءِ سياستدانن کي ويڪسينيشن جي ضرورت آهي: سراج الحق

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ کي ڪرپشن کان بچائڻ لاءِ سياستدانن کي ويڪسينيشن جي ضرورت آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا خوفناڪ آهي، پر ڪرپشن ملڪ جي لاءِ ان کان وڌيڪ بيماري آهي، ايترو ڪلر نقصان ناهي پهچائيندو، جيترو نااهل ۽ نالائق حڪمرانن ملڪ کي پهچايو، هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو، اهو موجوده حڪمرانن پورو ڪيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن عوام تي رڳو ظلم ۽ جبر ڪيو هو، موجوده حڪومت ته صفا حد ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو