218

ملير ۾ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻيل شاگردياڻي جي حالت خراب، اسپتال داخل، پنجون جوابدار پڪڙ ۾ نه آيو

ملير (رپورٽ: سامي ميمڻ) ملير ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار شاگردياڻي بشرا راڄپر سخت ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿي خوف ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڪالهه ملاقات لا۽ ايندڙ ماڻھن کي ڏسي رڙيون ڪري بي ھوش ٿي وئي،  جنھن سبب سندس طبيعت خراب ٿي وئي، کيس فوري طور گلشن حديد جي مقامي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن چڪاس کان پوءِ کيس داخل ٿيڻ جو مشورو ڏنو ۽ علاج شروع ڪيو، ٻئي طرف بشرا جي پيءُ سليمان راڄپر ٻڌايو تھ پوليس لاھور مان گرفتار ڪيل جوابدار کي اڃا تائين اسٽيل ٽاون ٿاڻي نھ پھچايو آھي ۽ نھ ئي پنجون جوابدارگرفتار ٿي سگھيوآھي، ھوڏانھن ملير ۾ بشرا سان انصاف جي مطالبي ھيٺ مظاھرن سان گڏ سياسي سماجي اڳواڻ جا وفد ھمدري جي اظھار طور  متاثر ڪٽنب سان ملاقاتن جو  سلسلو جاري آھي، ان سلسلي ۾ ايم پي اي نصرت سحر عباسي متاثر نياڻي وٽ گھر پھچي ساڻس ھمدردي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو تھ وحشي جوبدارن نياڻي بشرا سان ظلم جي انتھا ڪئي آھي  انتظاميا اسڪولن ۽ عوامي ھنڌن تي چڪاس نظام کي بھتر ڪري تھ اھڙا واقعا گھٽجي ويندا، ٻئي طرف عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي پليجو وفد جي صورت ۾ الخدمت اسپتال  پهچي متاثر شاگردياڻي ۽ سندس والد سان ملاقات ڪري واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ساٿ جو يقين ڏياريو، هن گهر ڪئي ته جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو