اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته سينيٽ چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ڪرائڻ جي لاءِ مڪمل طور تيار آهيون، ميمبرن جي سهولت لاءِ تاريخ ۾ واڌ ڪئي آهي، اميدوارن جي سهولت لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته 12 فيبروري تي نئير بخاري ۽ 13 فيبروري تي سنڌ حڪومت جي نمائندي تاريخ وڌائڻ جي حوالي سان درخواست ڪئي هئي، اليڪشن ڪميشن جي ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ سسٽم تي شڪايت ملي، ان ڪري تاريخ وڌائي، پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي، غير ضروري بيانن سان اليڪشن ڪميشن جي آئيني گهرجن ۽ غيرجانبداراڻي حيثيت کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
133