124

اوپن يا ڳجهي بيلٽ سان فرق ناهي پوندو، ويڪائو مال وڪامجي ويندو آهي: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اوپن يا ڳجهي بيلٽ سان فرق ناهي پوندو، ويڪائو مال وڪامجي ويندو آهي، فوج خلاف ڳالهائيندڙ زبان ڇڪي ڪڍنداسين، موسم تبديل ٿي ويو آهي، مولانا کي حلوو کارائڻ جي دعوت واپس وٺان ٿو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن اسيمبلي کي گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا، ان کان ئي ووٽ گهرڻ وڃن پيا، منهنجي ڳالهه گهڻن ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي وئي آهي، قانون جي دائري ۾ لانگ مارچ ٿيندو ته ڪا به رڪاوٽ نه وجهنداسين، ڀڃڪڙي تي هر هنڌ رڪاوٽ هوندي، مان پاڻ هوندس، 3 مارچ تي سينيٽ چونڊون ٿين پيون، جيڪڏهن ڪنهن جو هڪ يا ٻه ووٽ گهٽ يا وڌيڪ آيا ته قيامت نه ايندي. هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج خلاف ڳالهائيندڙ زبان ڇڪي ڪڍنداسين، اهي ماڻهو ڏڦيڙ پکيڙي رهيا آهن، جيڪي پاڪستان ٺاهڻ جي خلاف هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو