169

پاڪستان ۾ 65 ورهين کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 65 ورهين ۽ ان کان وڌيڪ ڄمار جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين هڻڻ لاءِ رجسٽريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جو چوڻ آهي ته ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر لکي 1166تي اماڻيو وڃي. سندس چوڻ هو ته انشاءَ الله 65 ورهين ۽ ان کان وڌيڪ ڄمار جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين مارچ ۾ لڳائي ويندي. ٻئي پاسي وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 65 ورهين جي وڌيڪ عمر وارن ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ رجسٽريشن هن ئي هفتي شروع ٿي رهي آهي، جڏهن ته سڄي طبي عملي جي رجسٽريشن به هن ئي هفتي ۾ شروع ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو