221

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 26 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 1048 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 26 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1048 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابقسڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 26 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 21 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. جڏهن ته هڪ هزار 48 نوان ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿيا.ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، پشاور 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 41 سيڪڙو، ملتان ۾ 23 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو  ۽  لاهور ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 32 هزار 19 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 252، پنجاب ۾ 11 هزار 541، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 246، اسلام آباد ۾ 3 هزار 757، بلوچستان ۾ 390، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 485 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 25 هزار 997 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 260 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 25 هزار 747 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 64 هزار 77 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 487، بلوچستان ۾ 18 هزار 942، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 940، اسلام آباد ۾ 42 هزار 688، خيبرپختونخواهه ۾ 69 هزار 990، پنجاب ۾ 1 لک 64 هزار 268 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 53 هزار 762 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 333 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 219 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 51 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دورن ان وائرس سبب فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 995 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 486 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 199 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 281 فوتگيون ٿيون چڪيون آهن،  هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 84 لک 66 هزار 177 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 115 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو