247

سينيٽ چونڊون: پي ٽي آءِ سنڌ پاران فيصل واوڊا کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي اعتراض، گورنر کي خط

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سينٽرل سنڌ جي اڳواڻن سينيٽ جي ٽڪيٽ واري معاملي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه جي عهديدارن گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي خط لکي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. خط ۾ فيصل واوڊا ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي نامزد سيف الله ابڙو کي ٽڪيٽ ڏيڻ واري فيصلي کي غلط قرار ڏنو ويو. لکيل خط ۾ عهديدارن جو موقف هو ته جيڪڏهن فيصل واوڊا نااهل ٿي ويو ته سيٽ خطري ۾ اچي ويندي، ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ نامزد سيف الله ابڙو تي ڪرپشن جا الزام ۽ نيب ڪيس آهن. خط ۾ سينيٽ جي جنرل سيٽ سنڌ جي اندرئين علائقي سان تعلق رکندڙ شخص کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. عهديدارن خبردار ڪيو آهي ته فيصلي تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته بلدياتي چونڊن تي اثرانداز ٿينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو