178

پنجاب جو تعليم وارو وزير مراد راس ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو، گهر اندر آئسوليٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جو تعليم وارو وزير مراد راس ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي گهر اندر آئسوليٽ ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس سوشل ميڊيا تي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مراد راس جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس مثبت اچڻ کانپوءِ پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ورتو آهي، جيترا به ماڻهو گذريل ڪجهه ڏينهن دوران مون سان مليا آهن اها پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو