238

سينيٽ چونڊن بابت وڊيو اسڪينڊل: ن ليگ جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن بابت وڊيو اسڪينڊل جي جاچ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ن ليگ جي وڪيل جهانگير جدون درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائيندي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، پيمرا چيئرمين ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته جيڪي ماڻهو وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث آهن انهن خلاف ڪرپٽ پريڪٽسز تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. ن ليگ جي وڪيل جهانگير جدون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ن ليگ پاران مرتضيٰ عباسي درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کان وڊيو اسڪينڊل جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جهانگير جدون چيو ته حڪومت جي ٺاهيل ڪميٽي تي اسان کي اعتبار ناهي، اليڪشن ڪميشن هن معاملي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو