اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ آهي ته عدالت تي حملي ۾ ملوث وڪيلن کي مثالي سزا ملڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي وڪيلن پاران حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري سهيل اڪبر چوڌري عدالت آڏو پيش ٿيو ۽ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي اپيل ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته توهان سڀني کي ڄاڻ آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڪيو، ان لاءِ ڪنهن ڪميشن جي ضرورت ناهي، جن هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪيو ان جي نشاندهي بار ڪري ته جيئن ڪنهن بيگناهه کي حراسان نه ڪيو وڃي، هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪندڙ سمورا بار جا وڪيل آهن، اڌ کان وڌيڪ مان سڃاڻان ٿو، جن 5 ڪلاڪن ججن کي يرغمال بڻايو، اهي هن انتهائي ڪريل ڏوهه ۾ ملوث آهن، اهو بلڪل غلط ٿيو آهي، ان ۾ ملوث ماڻهن کي مثالي سزا ملڻ گهرجي، چيف جسٽس آف پاڪستان جو به فون آيو هو، مون کي چيو ويو ته ڪارروائي لاءِ تيار آهيو پر مون چيف جسٽس پاڪستان کي ٻڌايو ته ڪوبه ايڪشن وٺي هاءِ ڪورٽ کي جنگ جو ميدان بڻجڻ نه ڏيندس، مون چيو ته اوهان اچو ۽ اچي ڀلي مون کي ماري ڇڏيو پر ايڪشن وٺي ان کي تماشو بڻجڻ نه ڏيندس، هڪ سئو ماڻهن جي عمل جي ڪري بار جي عزت داءَ تي آهي، سڀ ماڻهو يونيفارم ۾ هئا، بار جي به ان ۾ عزت آهي ته ان ماڻهن جي نشاندهي ڪري. چيف جسٽس اطهر من الله وڪيلن جي ميڊيا سان بدتميزي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيا وارن کي ماريو ويو ۽ انهن جون وڊيوز ڊليٽ ڪرايون ويون، اهو رويو بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، توهان کي خبر آهي ته اهي پلاننگ سان آيا هئا ۽ ٻاهر ميڊيا وارن کي ماريو ۽ وڊيوز ڊليٽ ڪيون، عدالت اڳ ۾ ئي هدايتون جاري ڪري چڪي آهي ته رڳو انهن وڪيلن خلاف ڪارروائي ڪريو جيڪي واقعي ۾ ملوث آهن، جن وڪيلن تي رڳو شڪ آهي انهن خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس کي 5 ڪلاڪ تائين حراست هيٺ رکيو ويو، پر مون کي ڪا ڪاوڙ ناهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ڏني آهي ته وڪيل ۽ بار انهن سان سهڪار نه پيا ڪن، هن وقت ذميواري بار جي آهي، مون پنهنجي اکين سان بار جي صدر ۽ اوهان سيڪريٽري کي بيوس ڏٺو، جيڪڏهن اهڙو ڪنهن سياسي پارٽي جي ماڻهن ڪيو هجي ها ته رياست انهن سان ڇا ڪري ها؟ مون کي جڏهن يرغمال رکيو ويو ته مان ان لاءِ به تيار هئس ته وڌ کان وڌ ڇا ڪندا، ماري ڇڏيندا. ايڊووڪيٽ شير افضل چيو ته اعليٰ عدالت سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو اسان سڀني کي ڏک آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته منهنجو اشو ناهي، 8 ٻين ججن کي به يرغمال بڻايو ويو، هي اداري جو معاملو آهي. وڪيل راجا رضوان عباسي عدالت آڏو بيان ڏنو ته اسان سڀ شرمسار آهيون. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. عدالت هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري سهيل چوڌري کي ملوث جوابدارن جي نشاندهي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
