218

انڊونيشيا ۾ شديد برساتون، ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت، 14 زخمي، 16 گم

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي اوڀر واري صوبي جاوا ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 16 گم ٿي ويا آهن. چيني خابرو اداري مطابق انڊونيشيا جي سماجي معاملن جي ايجنسي رسپانس يونٽ ڪوآرڊينيٽر ٻڌايو آهي ته صوبي ۾ شهرين جي امداد لاءِ ڳري مشينري جو استعمال جاري آهي ۽ امدادي ٽيمن هن وقت تائين ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍيا آهن، جڏهن ته 16 ڄڻا هن وقت پڻ گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 13 گهر تباهه ٿيا آهن ۽ 160 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو