اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسيقار اذان سميع خان چيو ته جن اداڪارن ۽ گلوڪارن جي والدين جو تعلق ان انڊسٽري سان آهي انهن لاءِ آسانيون ٿينديون آهن پر ان کي سفارش جو نالو ڏيڻ صحيح ناهي. هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سفارش بابت ڳالهائيندي چيو ته جن جا والدين يا انهن مان ڪو هڪ به ان انڊسٽري سان تعلق رکي ٿو تنهن جي ٻارن کي اڳتي اچڻ ۾ ان حد تائين ڏکيائين کي منهن ناهي ڏيڻو پوندو جيترو هڪ نئين شخص کي ڏيڻو پوندو آهي پر ان سان گڏو گڏ اسان تي وڌيڪ ذميواري پڻ لاڳو ٿئي ٿي ته اسان کي هڪ معيار کي برقرار رکڻو پوندو آهي. هن پنهنجي نئين گاني ”مين تيرا“ جي ڪاميابي بابت ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجن سمورن گانن ۾ سئو سيڪڙو پرفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هو مداحن جو ٿورائتو آهي جن سندس ڪم کي پسند ڪيو.
212