اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي سمورن ميمبرن کي سڀاڻي اڱاري تي طلب ڪري ورتو آهي. سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان سينيٽ چونڊن بابت تفصيل ۽ سڄي اسڪيم طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد جو چوڻ آهي ته اسان چيف اليڪشن ڪمشنر کان سوال ڪرڻ چاهيون ٿا، هن رمارڪس ڏنا ته چونڊ ڳجهي نموني ٿئي پر شڪايت تي ان جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته ڪرپٽ پريڪٽس جي روڪٿام اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. جسٽس يحييٰ آفريدي جو چوڻ هو ته عام چونڊون سيڪرٽ بيلٽ ذريعي ٿينديون آهن، پر ڪائونٽر فائلز ٿينديون آهن، جڏهن تڪرار ٿيندو آهي ته ڪائونٽر فائلون کوليون وينديون آهن. جسٽس يحييٰ آفريدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن رولز جي انهن سيڪشنز هيٺيان به سينيٽ چونڊن جي ووٽن جي جاچ ٿي سگهي ٿي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 مطابق ڪرپٽ پريڪٽس کي روڪڻ جو طريقيڪار ڏنو ويو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان چوندا ته سيڪرٽ بيلٽ آهي ۽ اسان جا هٿ ٻڌل آهن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته سيڪريسي آرٽيڪل 226 جو مينڊيٽ آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آئين تحت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي ڪوبه قانون گهٽ ڪري نٿو سگهي.
235