ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران آر بي بي ڪالوني ڀرسان ٻئي ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي. ڪارروائي دوران حددخليون هٽائڻ واري ٽيم ۽ رهواسين وچ ۾ امڪاني ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا آهن. آبپاشي کاتي جي ٽيم ايڪسيئن ڪوٽڙي بئراج عديل شاهه جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به ڪي بي فيڊر تي حددخليون ڄاڻائي ڪيترائي گهر، واڙا ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ايڪسيئن ڪوٽڙي بئراج عديل شاهه جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم تي ڪي بي فيڊر جي زمين تي حددخلين خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهيون، جيڪي حددخليون هٽائڻ تائين ڪارروائي جاري رهندي.
171