ليکڪ: شمع جوڻيجو / ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
مون سدائين ڪالمن کي سياسي ۽ سماجي موضوعن تائين محدود رکيو آهي، ماڻهو منهنجي ذاتي زندگي معلوم ڪرڻ لاءِ اخبار جو معالعو گهرائيءَ سان ناهن ڪندا. مان انسٽاگرام تي پنهنجون تصويرون سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ناهيان رکندي، ايتري حد تائين جو گهڻي ڀاڱي ٻلين جون ويڊيوز کان سواءِ سال ۾ چئن يا پنجن ڀيرن کان به وڌيڪ اپ لوڊ نه ڪندي آهيان. منهنجو ٽوئيٽر هينڊل صرف عوام لاءِ آهي، اتي به منهنجي ذاتي ڪابه ٽوئيٽ نه ٿيڻ جي برابر هوندي آهي.سوشل ميڊيا کان گهڻو اڳ، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا منهنجي ذاتي زندگين تي فيچر ڇاپيندا هئا جن سان مون کي پريشان ٿيندي هئي، مان انٽرويو ڏيڻ وقت هڪ قسم جي بوريت محسوس ڪندي آهيان. ٻين مشهور شخصيتن وانگر پنهنجا ويڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ جو ڪوبه شوق نه اٿم. ميڊيا ۾ هئڻ باوجود مون کي تمام گهڻي پريشاني ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن ڪو چينل وارو مون کي ويڊيو ڪال تي اچڻ لاءِ چوندا آهن. پر ڪينسر سڀ ڪجھ تبديل ڪري ڇڏيو. مون کي ڪينسر جي تشخيص ٿيڻ کان پهرين بايوپسيز دوران، هزارن جي تعداد پيغام ۽ ڪاليون اچڻ شروع ٿيون، جن جو جواب ڏيڻ منهنجي پنهنجي ذهني صحت لاءِ ٺيڪ نه هو، ان ڪري مون منهنجي زندگيءَ جو پهريون ڀيرو، گذريل ٻن مهينن اندر ٿيندڙ هر شيءَ کي توهان اڳيان پيش ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي اٿم.مون کي ٻه مهينا اڳ ڪينسر جي بيماريءَ جي ڄاڻ پئي ۽ گذريل هفتي نون ڪلاڪن جي ڊگهي سرجري پڻ ٿي چڪي آهي. ملندڙ پيغامن جو تعداد هاڻي لکن جي تعداد ۾ پهچي چڪو آهي، تنهنڪري ”ڪينسر جي عالمي ڏينهن“ تي اسپتال مان گهر اچڻ کان پوءِ مون اهو مناسب سمجهيو ته هڪڙو ڪالم لکي وٺجي، جيڪو شايد منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو ڪالم هوندو. ڇو ته مان هاڻي اها ناهيان رهي جيڪا اڳ هيس. ڪينسر جي سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته توهان کي خبر ئي نه پوندي آهي ته توهان سان ڇا ٿي چڪو آهي.سواءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر. منهنجي ڪينسر وانگي ڪيترائي ڪينسر اهڙا هوندا آهن جن جي توهان کي ڄاڻ تڏهن پوندي آهي جڏهن زندگيءَ جي راند پوري ٿي چڪي هوندي آهي. مونکي سرجري کان اڳ ٻڌايو ويو ته منهنجو ڪينسر ڪن جي هيٺان چهري جي رڳن، ساھ ۽ آواز جي ناليءَ ۾ چڱو خاصو پکڙجي چڪو آهي. پر مون کي آخري ڏينهن تائين ڊاڪٽرن هڪڙي ڳالھ نه ٻڌائي هئي اها هيءَ ته مون کي چهري جو فالج ۽ آواز خراب ٿيڻ جو سئو سيڪڙو امڪان هو، پر پنجانوي سيڪڙو اهو به امڪان هو ته مان ڪڏهن به ڳالهائي نه سگهان ۽ هميشه جي لاءِ ريسپائريٽري ٽيوب (مصنوعي ساھ کڻڻ) تي رهان. يورپ ۾ گهڻي ڀاڱي ائين ٿيندو ناهي ته مريض کان ايڏي وڏي ڳالھ لڪائي وڃي.پر منهنجي پُٽَ انهن کي اي ميل ڪري هڪ درخواست ڪئي ته مون کي ايڏو جهٽڪو ڏيڻ مناسب نه رهندو. ڇاڪاڻ ته آئون سرجري ڪرائڻ لاءِ راضي ئي نه ٿيا هان. مان ان تي به حيران ٿي ويندي هيس ته منهنجي گاني ڳائڻ تي ڪنن ۾ آڱريون وجهي ”اسٽاپ اٽ“ چئي ڪري گوڙ ڪرڻ وارا ٻار، هاڻي ڇو چيلنج ڏئي ڪري چوندا هئا ته فلاڻو گانو ٻڌاءِ (ڇو ته هُو لڪي لڪي منهنجون ويڊيو ريڪارڊ ڪندا هئا). مان ان ڳالھ تي به حيران ٿيندي هيس ته دنيا جهان جي دهشگردن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ جمشيد مون کي ويڊيو ڪالز تي کلندو ڏسي هر هر محض پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويندو هو، مان هن کي ”مان توکي ڇورو ڇنو ڪانه ڇڏينديس“ چئي ڪري تنگ ڪندي هيس ۽ هو کلڻ جي بجاءِ، هن جون اکيون ڀرجي اينديون هيون شايد ان ئي لاءِ چوندا آهن ته ڄاڻائي عذاب آهي.پر ڳالھ وري توهان جي ايمان تي اچي وڃي ٿي، منهنجو ايمان آهي ته الله تعاليٰ توهان کي برداشت کان وڌيڪ ڪابه تڪليف ناهي ڏيندو، ۽ اها هڪ حقيقت به آهي ته الله تعاليٰ هيڏي موذي مرض ڪينسر جي وڌڻ جي باوجود مون کي هڪ لمحي جي به تڪليف نه ڏني. مان هينئر به مطمئن آهيان ته مون تي هڪڙي قسم جي آزمائس وارو مرحلو هلي رهيو آهي جنهن جو جواب مان ائين ئي ڏندي آهيان ته ”الله سائين تنهنجو شڪر آهي“ ۽ ان سان گڏ هر وقت کلندي ۽ خوش رهندي آهيان. ڇو ته توهان ڏک ۽ غم ۾ تڏهن مبتلا ٿيندا آهيو جڏهن توهان شڪايت ڪندا آهيو.ڊاڪٽرن پنهنجي واعدي مطابق منهنجي زندگي بچائي ورتي، منهنجي ڪنهن به رڳ يا نس کي نه ڪٽيو ۽ نه ئي ڪٽيو، منهنجو آواز به بچي ويو پر مان ساڄي ووڪل ڪارڊ ۾ فالج جي ڪري هڪ اڌ جملي کان وڌيڪ نٿي ڳالهائي سگهان. منهنجي چهري ۽ ڪنڌ تي فالج لهي آيو آهي پر منهنجي فزيوٿراپسٽ کي يقين آهي ته مان ٺيڪ ٿي ويندس. منهنجو آواز ته پهرين جهڙو نه رهي پر مان اسپيچ ٿراپي سيشن کان پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏينديس ۽ نسن يا رڳن جو مسئلو عارضي آهي. مان هاڻي به ٽيڏي منهن سان هر وقت کلندي رهندي آهيان ۽ پنهنجو مذاق اڏائيندي رهندي آهيان ته ڪنهن پوڙهي کدڙي جهڙو آواز ٿي ويو آهي جيڪو ٻه لفظ به نٿو ڳالهائي سگهي سو پي ايچ. ڊي جو امتحان ڪيئن ڏيندو؟ پر منهنجو پٽ چئي ٿو ماما، تون منهنجي ننڍپڻ واري رانديڪي روبوٽ جيئن بڻجي وئي آهين جنهن کي ٻارن ڀڄي ڇڏيو هو. تون ان ئي ڀڳل روبوٽ وانگر ٿي وئي آهين جيڪو ڀڄي پوڻ کان پوءِ پنهنجو ڪنڌ موڙي نٿي سگهيو ۽ جنهن جي آواز به وائرن ڪٽجڻ کان پوءِ ڪا ايموشن نه رهي هئي. تون انهيءَ روبوٽ وانگر ٿي وئي آهين جيڪو ماڻهن جي فنگشن ۾ هجڻ جي باوجود پورا لفظ ڳالهائي نه سگهندو هو. ماما اسان توکي ٻيهر انساني روپ ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا، تون جميءَ جي وارئير ڪوئين آهي، اسان کي اميد آهي ته تون ٻيهر انساني آواز ۾ ڳالهائيندينءَ، ۽ پنهنجي بي عيب ۽ خالص مسڪراهٽ سان سان گڏ ڪنڌ کي موڙي ڪري اسان کي ڏسين سگهندينءَ. ۽ اسان کي يقين آهي تون ائين ضرور ڪندينءَ.