ليکڪ: صداقت علي کوکر
پاڪستان ھن جديد دور ۾ سائنسي ۽ معاشي حالتن کان مشڪل طرح سان گذري رھيو آھي، جنهن ۾ ميڊيڪل جو شعبو تمام اھم حيثيت رکي ٿو، جيڪڏهن اسان ڪراچي جي ڳالھه ڪيون ٿا ته ڪراچي ھڪ انتھائي ڪلينڪل ۽ ليباٽرين جو ڳڙھه آھي، جتان تمام خراب مادا حاصل ڪيا وڃن ٿا، جنھن کي اسان ڪلينڪل بيڪار مادا چئون ٿا، وري ڳالھه ڪيون ٿا اسپتالن ۽ ليباٽرين جي جتي بيڪار، خطرناڪ ۽ زھريلا مادا تمام گھڻي تعداد ۾ ارپيا وڃن ٿا، ان کان علاوه خاص طور تي ليباٽرين ۾ ڪم ڪرڻ وارا اسٽاف جيڪي پنھنجي ڪنڌ تي ٻين جون بيمار حياتياتيون رکن ٿا ۽ سڀني کان پھريان پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏين ٿا، جيئن ته اسان شھر ڪراچي جو جائزو وٺندي ٻڌايون ته تقريبن انگ اکر 353 جو ويجھو پبلڪ ۽ پرائيوٽ اسپتالون ۽ ليباٽريون آھن، ان جي باوجود بدقسمتي سان اھو ئي چوڻو ٿو پوي ته انھن مان صرف 5 سيڪڙو ليباٽرين جي عملي کي صحيح طرح سان (ويڪسينيشن ڪرڻ اچي ٿي، باقي 95 سيڪڙو عملو پنھنجي جان تي خطرو کڻي ڪري ڪم سرانجام ڏئي رھيو آھي، بحيثيت ميڊيڪل ليباٽري شاگرد آئون گورنمينٽ، خانگي اسپتالن ۽ ليباٽرين کي اھا راءِ ڏيندس ته ميڊيڪل سان واستو رکندڙ ادارا اھڙن عملي کي تيار ڪن جيڪي اڳتي ھلي اسان جي بيمارين کي صحيح طرح سان ضابطي ۾ آڻي سگھن ۽ هڪ صحتمند معاشرو جوڙي سگهجي.