ليکڪ: رياض ابڙو
وبائن جا وار دنيا تي ٿيندا رهيا آهن پر انهن جا ترت علاج ۽ واهر وري به امير ملڪ ڪن ٿا، جن وٽ ذريعا ۽ واسطا آهن جن وٽ اڻ مئي دولت آهي، جيڪي هر طرح جي ريسرچ به ڪندا رهيا آهن، جن وٽ علم، عقل ۽ سوچ ۽ سمجهھ نسبتن گهڻي آهي، انهن وٽ طبي، تعليمي، تڪنيڪي، زرعي ۽ قسم قسم جا آلا موجود آهن، جن وٽ ڪا کوٽ ناهي، اهي ملڪ سدائين وانگي غريب ملڪن جي وس آهر مدد ڪندا رهن ٿا، انهن وٽ ڪو فرق ناهي، اهي انسان دوست به آهن، جتي اهي ٽين دنيا جي ماڻهن کي اهي سڀ عقل ۽ علم سيکاريندا به رهن ٿا، انساني همدردي جي بنياد تي اهي اهڙيون مددون ۽ شيون غريب ملڪن ڏي موڪليندا به رهن ٿا، اسان وٽ ميڊيڪل جي دنيا ايتري ترقي ناهي ڪري سگهي، ان ۾ اسان جي انهن سڀني ادارن جو به ڏوھه آهي جيڪي سکڻي تعليم تي ڀاڙي رهيا آهن، جن وٽ جديد ريسرچ سينٽرز ناهن، جيڪي اهڙين شين جي ڄاڻ به نه ٿا ڏئي سگهن، ان ڪري اسان وري به يورپ، چائنا، روس، برطانيا يا آمريڪا ڏي ڏسندا ٿا رهون، جيڪي اهڙي طرح امدادن جي ڀرپور حامي ڀرين ٿا، ڇو ته وبا هن ڀيري جتي غريب ملڪن کي ماري وڌو اتي 60 امير ملڪن جا به لاھه ڪڍي ڇڏيا اٿائين. ويڪسين جي ڊوڙ ۾ روس سڀني کان بهتر رهيو آهي جنهن جي ويڪسين 91.6 سيڪڙو بهتر ثابت ٿي آهي، جيڪا ڪورونا جي سڀني نشانين تي بهتر ثابت ٿي، مثال طور هن مهل تائين ڪورونا جي نشانين ۾ سُڪي کنگهھ به ڪورونا ليکي ٿي وڃي، يا سيني جي جڪڙ ۽ ٻڌجڻ کان وٺي، پيٽ جي خراب ٿيڻ به انهن نشانين ۾ آهي جو جنهن کي به ٿئي معنيٰ اهو ماڻهو پڪو ڪورونا يافتا آهي، وري نڙيءَ جو سور به ڪورونا جي هجڻ جي نشانين مان هڪ آهي، جسم ۾ سور به اهو ٿو سمجهائي ته ڪورونا مثبت آهي، بخار جو نه ڇڏڻ به ڪورونا ۾ آهي، زڪام يا مسلسل نزلو به ڪورونا سڏجي ٿو، معنيٰ اهڙيون نشانيون يا معمولي بيماريون جيڪي پهرين الڳ الڳ شناخت رکنديون هيون، اهي هن دفعي سڀ ڪورونا جي پيڪيج ۾ شامل ٿي ويون آهن، ماڻهو ته حيران سان گڏ پريشان به هئا (۽ آهن) ته آخر ڇا ڪجي؟ ڪنهن به ”سرفيس“ يا مٿاڇري کي ڇهي ته به ڦاسي، ڪنهن سان هٿ ملائي ته به آزار، ڇو ته هوا اتي ئي اتي ڦري گهري ٿي، وري سوشل لائيف صفا ختم، ماڻهو ڪنهن ڪم جو نه، نه اچي، نه وڃي، مطلب ته سوشلائيزيشن ختم، هي اهڙي وبا آهي جيڪا نارٿ پول ۽ سائوٿ پول جي گرمي ۽ سرديءَ جي پد جي ڪري گهٽجي ۽ وڌي ٿي، توڻي جو آمريڪا جهڙي پڙهيل لکيل قوم لاءِ اهو ثابت ڪرڻ مشڪل هو ته ڪورونا هڪ وبا آهي، جيڪي نه ماسڪ پائن، نه سينيٽائيزر هڻن، نه سوشل ڊسٽنسنگ ڪن، نه ڪي اهڙيون مشينون استعمال ڪن، جنهن سان وائرس جي شڪ جي پڪ ٿئي. روس جي ”سپنٽڪ وي“ ويڪسين ان ڏس ۾ بهتر آهي، اهي غريب ملڪن کي مفت ۾ ڏيڻ جي حق ۾ آهن، جنهن جي رسد تڪڙو ئي پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڪئي ويندي (پر ڊڄ اهو آهي ته دنيا ۾ وري ٻي ڪا وبا نه اڀري ڇو ته هاڻي وبائن جو اچڻ يا پيدا ڪرڻ آسان آهي) پر پهرين دنيا جي ملڪن ريسرچ ڪري پاڻ سان گڏ ٻين غريب ملڪن جي ڀلي لاءِ ويڪسين جي اجرا مفت ڪئي آهي، جن ۾ برطانيا، روس، آمريڪا ۽ خود چين به آهي جيڪو پاڪستان سميت پڻ ٻين ملڪن کي فراهم ڪندو، انهن ۾ في الحال پاڪستان سميت 29 ٻيا ملڪ به شامل آهن، جيڪي ان ويڪسين مان فائدو وٺي سگهندا، انهن غريب ملڪن اڃا تائين ان ويڪسين جي هڻڻ جو عمل شروع ناهي ڪيو، ورلڊ هيلث آرگنائيزيشن کي ان ڳالهھ تي ڳڻتي آهي ته امير ملڪ جلد کان جلد اهي ويڪسين غريب ملڪن کي ڏياري موڪلين جن جي منظوري ”ڊبليو ايڇ او“ ڏئي ڇڏي آهي، ڇو ته غريب ملڪن سميت امير ملڪن ۾ سڀ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ تعليمي انڊسٽري آهي، ان ڪري امير ملڪ جلد کان جلد اهڙن 29 ملڪن جو بِلو ۽ ڀلو ڪن، انهن ڏي اهڙي ويڪسين ڏياري موڪلين، جنهن جي هڻڻ سان غريب ملڪ جي ڌنڌن ۽ ڪاروبارن جا در وري کلن، جنهن سان انهن جي معيشت تي مثبت اثر پون. 77 امير ملڪن ۾ هن مهل تائين ڏھه ڪروڙن کان مٿي ويڪسين جا ڊوز ڏنا ويا آهن جن جي رزلٽ مثبت آئي آهي، معنيٰ شروع واري ويڪسين ناهي، جڏهن اهي ڊوز برطانيا ۽ يورپ جي پوڙهن ۽ پوڙهين کي ڏنا ويا هئا تڏهن انهن کي الرجي ٿي وئي هئي.