212

سينيٽ چونڊ جي نامزدگي فارمن جي تاريخ ۾ ڪيل واڌ

ايڊيٽوريل

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جي چونڊن ۾ اميدوارن جي سهولت لاءِ شيڊول ۾ تبديلي ڪندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 فيبروري تائين وڌائي ڇڏي آهي، جنهن هيٺ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ واري آخري تاريخ 15 فيبروري تائين وڌائي وئي آهي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن جي لسٽ 16 فيبروري تي جاري ٿيندي، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 17 کان 18 فيبروري تائين ٿيندي، اپيلون 20 فيبروري تائين داخل ڪرائي سگهبيون، 23 فيبروري تائين سمورين اپيلن کي اڪلايو ويندو، 24 فيبروري تي حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي، 25 فيبروري تائين اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا، جڏهن ته سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ئي ٿيندي. ان کان اڳ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 13 فيبروري مقرر ڪئي وئي هئي. جڏهن ته وقت گهٽ ملڻ سبب پيپلز پارٽي وقت ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي درخواست پڻ ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن جي پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته  ميمبرن جي ريٽائرمنٽ سبب خالي ٿيل سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 11 فيبروري 2021ع تي چونڊ پروگرام جاري ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان ڳالهه کي اٿاريو ويو هو ته اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي حوالي سان وقت جي گهٽتائي سبب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائيون محسوس ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ڏينهن ۾ واڌ لاءِ لکت ۾ ۽ زباني درخواستون پڻ ٿيون هيون. اليڪشن ڪميشن انهن سمورين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ۽ اميدوارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ وڌائي 15 فيبروري مقرر ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ لاءِ اڳ  مقرر ڪيل تاريخ جيڪا 3 مارچ 2021 آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي.

سينيٽ چونڊن جي شيڊيول جاري ٿيڻ کانپوءِ سرگرميون تيزي سان جاري آهن، اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ڇنڇر تائين 78 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا،  پوري ملڪ مان عورتن جي 16 سيٽن تي، ٽيڪنوڪريٽس ۽ ديني عالمن جي 14 ۽ اقليتن جي 5 سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران جاري تفصيل موجب اسلام آباد مان ٻن جنرل ۽ ٻن عورتن جي سيٽن تي 4 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، هيستائين پنجاب مان 15، سنڌ مان 20 ۽ خيبرپختونخوا مان 24 ۽ بلوچستان ۾ 15 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. هن مهل تائين اها ڳالهه طئه نه ٿي آهي ته سينيٽ چونڊ کليل يا ڳجهي ووٽ ذريعي ٿيندي، وفاقي حڪومت طرفان کليل ووٽنگ لاءِ مشروط طور صدارتي آرڊيننس جاري پڻ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ پڻ هلندڙ آهي، عدالت جي فيصلي کانپوءِ ئي صورتحال واضح ٿيندي ته چونڊ ڪهڙي طريقيڪار تحت ٿيندي، مسلم ليگ (ن) طرفان حڪومت سان سينيٽ چونڊ بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه کان صاف انڪار ڪيو ويو آهي، مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته کين ڀلي هڪ به سيٽ نه ملي پر هو ان سلسلي ۾ حڪومت سان ڪا به ڊيل نه ڪندا، حڪومت طرفان گرفتار ميمبرن کي پڻ اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جلد اسپيڪر پراڊڪشن آرڊر پڻ جاري ڪندو، بهرحال سينيٽ چونڊ جا مرحلا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، اها سٺي ڳالهه آهي ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي اعتراض کي رد ڪندي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته گرفتار ميمبرن کي پڻ چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي، اهي ٻئي قدم سٺا فيصلا آهن ۽ اميد آهي ته سينيٽ چونڊن کي تڪراري ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اميد آهي ته سينيٽ چونڊون مڪمل صاف شفاف ٿينديون ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو