ليکڪ: جڳديش آهوجا
سا سدا بهار جھرڻي جي روپ ۾ زمين جي اندران ٻاهر نڪري تبت جي هماليائي ندين ۽ آبشارن جو پاڻي پنهنجي پيٽ ۾ سموئي لداخ، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب کان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ سنڌو مهاساگر ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪو اڄ هندي سمنڊ ۽ انڊين اوشين طور مشهور آهي، تبت کان سنڌ تائين ڦهليل اهو سمورو سنڌو تهذيبي خطو سنڌو واس آهي، گذريل صديءَ تائين ته سنڌو نديءَ جي مُنهن جي خبر ئي نه هئي ۽ اهو سمجھيو پئي ويو ته سنڌوندي مانسرور ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي ۽ لداخ کان انڊيا جي سرحدن ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن ڪري سنڌو ماٿريءَ جو ڪئنواس سدائين لداخ کان ڳاڻاپي ۾ ايندو آهي، جڏهن ته سنڌو نديءَ جي جنم ڌرتي تبت آهي ۽ سنڌونديءَ جو تمام گھڻو پاڻي تبت، لداخ ۽ بلتستان مان اچي ٿو، پنجاب جي ندين جي ڀيٽ ۾ اهو پاڻي تمام گھڻو آهي. تبت اندر سنڌو ۾ سڀ کان گھڻو پاڻي زانسڪر ندي آڻي ٿي. سنڌوءَ جو سفر ڪندڙ برطانوي صحافڻ ايلائيس البينيا جڏهن سنگي خباب پهتي ته هن کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته ڪو سنگي خباب ئي سنڌو نديءَ جو منڍ آهي. سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سڀ کان ڊگھي ۽ منڍ واري ندي ”ڪلاچو“ آهي. ڏکڻ اوڀر کان ”لنگديپ چو“ ندي به اچي سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. البينيا ٻڌائي ٿي ته هن سوچيو پئي ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو تبت واسي سنگي خباب کي سنڌو نديءَ جو منڍ قرار ڏين ٿا.”سُوين هيڊن“ جڏهن هتي آيو هو ته کيس تبتي گائيڊ ٻڌايو هو ته سنگي خباب وٽان درياهه جو وهڪرو سردي هجي يا گرمي هڪ جيترو وهي ٿو ۽ ٻين ندين ۾ اها خاصيت نه آهي ۽ انهن جو پاڻي گھٽ وڌ ٿيندو رهي ٿو. تڏهن سنگي خباب کي سنڌو نديءَ جو منڍ قرار ڏنو وڃي ٿو. ٻيو مضبوط سبب اهو آهي ته هيءُ اهڙو منڍ آهي جيڪو ڪنهن گليشيئر مان نه پر زمين مان اٻڙڪا کائي نڪري ٿو، اهو ”سوين هيڊن“ ئي هو جنهن سڀ کان پهرين سنڌونديءَ جو منڍ ڳولي لڌو هو ۽ سڄي دنيا کي ٻڌايو هو ته سنڌونديءَ جو منڍ مانسرور ڍنڍ نه پر سنگي خباب جو زميني جھرڻو آهي، سنڌونديءَ کي شينهن درياهه وري ان ڪري چيو ٿو وڃي جو ان جي منڍ وٽ ٽڪرين جي هيئت شينهن جھڙي آهي. ”هي آهي سنگي آري يعني شينهن جو وارن سان ڀريل منهن.“ تبتي ڪرم لاما، البينيا کي سنڌونديءَ جي جنم ڌرتيءَ جي هڪ ٽڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌائي ٿو ۽ ٻي ٽڪريءَ ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو ته، ”هيءَ آهي سنگي نوربو يعني شينهن جو پير ۽ هو آهي سنگي ناما يعني شينهن جو پڇ“. سنڌوندي ۽ سنڌو تهذيب جي سدا قائم دائم رهڻ جو راز سنڌونديءَ جي جنم ڌرتيءَ ۾ سمويل آهي، جنهن کان اسان بلڪل بي خبر رهيا آهيون جنهن ڪري اسان ڪڏهن به تبت کي سنڌو ماٿريءَ جي ڪئنواس ۾ شامل نه ڪيو آهي پر هاڻي جڏهن اسان ان بي خبريءَ جي جهان مان نڪري آيا آهيون ته اسان کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌو نديءَ جي جنم ڌرتيءَ بنا سنڌو ماٿريءَ جو ڪئنواس ايئن آهي جيئن منڍيءَ بنا ڌڙ. هاڻ اسان کي پنهنجي دلين ۽ دماغن جا ڪئنواس ايئن ئي وسيع ڪرڻا پوندا جيئن اسان جي سنڌونديءَ جو ڪئنواس وسيع، وشال ۽ گھڻ رنگي آهي. سنڌونديءَ جيان سنڌو واس جو ڪئنواس به تبت کان سنڌ تائين ڦهليل آهي ۽ اهو ڪئنواس سنڌونديءَ جي وهڪري سان گڏوگڏ سنڌونديءَ کي سيراب ڪندڙ سڀني آبشارن، پهاڙن ۽ ندين جي تهذيب کي ۽ سنڌو مها ساگر جي سنڌ ۽ بلوچستان جي سمنڊ کي به پنهنجي اندر سموئي ٿو. مهر ڳڙهه توڙي هنگلاج، کيرٿر توڙي بولان ، موهن جو دڙو توڙي هڙپا، ٽئڪسلا توڙي سوات، گلگت توڙي بلتستان، ڪشمير توڙي لداخ ۽ تبت، گنڌاراواسي، تبت جا دروڪپا توڙي سنڌ جا دراوڙ سڀ سنڌو واسي تهذيبي خطي جا، سنڌو واس جا خوبصورت گل آهن. ايئن به ناهي ته رڳو سنڌوندي ۽ ان کي سيراب ڪندڙ پاڻي تبت کان سنڌ تائين سفر ڪندو ٿو رهي پر جڏهن اسان تاريخ جي آئيني ۾ جھاتي ٿا پايون ته اسان کي پاڻيءَ سان گڏوگڏ هڪ شاندار تهذيب جو تلسلسل به نظر اچي ٿو جيڪا پنهنجي جوهر ۾ انتهائي پرامن، زندگي پرست ۽ حسن پرست آهي. البينيا ٻڌائي ٿي ته، ”پکي به پنهنجي سفر لاءِ سنڌو نديءَ جي وهڪري کي رهنما سمجھن ٿا. هر سال 10 لک کان وڌيڪ پکي اوڀر آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ کان سنڌونديءَ مٿان اُڏامندا سنڌ تائين پهچن ٿا. سنڌونديءَ کي پکين جي اڏام جو دنيا جو چوٿون وڏو رستو قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪو انڊس فلاءِ زون طور مشهور آهي. هتي پرڏيهي پکين کي مارڻ مناسب نٿو سمجھيو وڃي. سونامترنگ جيڪو درو ڪپا آهي سو چوي ٿو ته اسين هر سال انهن پکين کي ايندي ۽ ويندي ته ڏسندا رهون ٿا پر ڪڏهن به انهن کي مارڻ ۽ کائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هاڻي اوهين ئي ٻڌايو ته مهذب ڪير آهي؟ اها روايت سنڌ ۾ به رهي هئي ۽ اسان جي امڙ ته پنهنجي هر ويلي جو پهريون گرھه پکين لاءِ ڪڍندي هئي ۽ پوءِ پاڻ کائڻ شروع ڪندي هئي، اهڙي پيار ۽ ممتا ڀري رهي آهي اسان جي سنڌو تهذيب. ڌارين جي حملن، غلاميءَ جي ڊگھن سلسلن، وقت جي وارن ڦيرن ۾ انيڪ ڀيرا لاها چاڙها آيا آهن ۽ اڄ ان جو چهرو ته ڇا روح به مسخ ٿي ويو آهي، پر سدا وهندڙ سنڌو جھرڻي جيان سنڌو واس جي ڪک اڄ به سائي آهي ۽ اها نيٺ سنڌو تهذيب کي نئين انسان دوست تهذيب کي جنم ڏيڻ لاءِ پر ساهي رهي آهي، هي سڀ اسان جا ڏک درد نئين جنم جا سُور آهن. هاڻ ضرورت آهي ويساهه گھاتين ۽ بي اعتماديءَ جي جهانَ مان نڪري خود اعتماديءَ سان، نيڪ نيتيءَ سان، کليل دل ۽ دماغ سان، عزت ۽ وقار سان، محبت ۽ رحمدليءَ سان، پاڻ ارپڻ ۽ سڀ کي پنهنجو ڪرڻ جي جذبي سان سرشار ٿي نئين سفر جي شروعات ڪرڻ جي. اڳتي راهون وڻ پيا ڏسيندا. نيت صاف منزل آسان. نفرتن کي مِٽائي محبتن جو جهان اڏيو، غلاميءَ جا سڀ زنجير ٽٽي ويندا. پراڻا پنڌ پيچرا اوهان کي رڻ ۾ رلائي ڇڏيندا. نين راهن نين منزلن جا نشانبر ٿيو. سنڌوءَ کي پنهنجو رهنما بڻايو. سنڌو تهذيب کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو ۽ امن جا پيامبر بڻجي، اولهھ ۽ اوڀر جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو. نه اولهھ اوهان کي غلام رکي سگھندو ۽ نه اوڀر اوهان کي غلام بڻائي سگھندو، پر اولھه توڙي اوڀر ۾ اسان آجپي جا عملبردار بڻجي اڀرندا سين. (پورو ٿيو)