220

عراق ۾ 8 ورهين جي ٻار راند دوران پسٽل جون گوليون هڻي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، پيءُ زخمي

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق ۾ هڪ 8 ورهين جي ٻار غلطيءَ سان پستول جي گولي هلائي پنهنجي ماءُ کي ماري ۽ والد کي زخمي ڪري ڇڏيو. اهو واقعو عراق جي صوبي ڪردستان جي ديرين ڳوٺ ۾ پيش آيو. سڌ سماءُ وارن ذريعن طرفان جاري ڪيل رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ٻار پنهنجي والد جي پستول سان کيڏي رهيو هو،  هن راند ڪندي ئي پنهنجي والدين تي گوليون هلايون، هڪ گولي سندس ماءُ جي اک جي پار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي وئي. پوليس مطابق قتل ٿيل عورت جي عمر 28 سال هئي، ٻار جي زخمي والد کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو