ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي هوشاب ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪري هڪ اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق هوشاب ۾ قومي شاهراهه تي حفاظت لاءِ قائم ايف سي چيڪ پوسٽ تي اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي اسد مهدي شهيد ٿي ويو، جنهن کانپوءِ حملي آور فرار ٿي ويا، دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي حملو ملڪ دشمن عنصرن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي، ملوث ماڻهن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.
158