247

سينيٽ ٽڪيٽن جي ورهاست تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا: وزيراعظم عمران خان پاران ڪجهه اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ٽڪيٽن جي ورهاست تي پي ٽي آءِ وچ ۾ اختلافن سبب ڪجهه اميدوارن کان سينيٽ جون ٽڪيٽون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي ٽڪيٽن واري ورهاست تي صوبائي تنظيمن جي اعتراض کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سينيٽ ٽڪيٽن ۾ تبديلي بابت پارلياماني بورڊ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون آهن. ذريعن مطابق پي ٽي آءِ جي ڪجهه اميدوارن کان سينيٽ ٽڪيٽون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سينيٽ ٽڪيٽن ۾ تبديلي بابت حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو. سينيٽ جي ٽڪيٽن تي پي ٽي آءِ ۾ سڄي ملڪ اندر اختلاف سامهون اچي ويا آهن، گذريل رات پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پي ٽي آءِ سنڌ جي ناراض عهديدارن ڪراچي ايئرپورٽ تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ بلوچستان ۾ به پي ٽي آءِ پاران عبدالقادر نالي شخص کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جڏهن ته پشاور مان قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ۾ سينيٽ ٽڪيٽن جي ورهاست تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽڪيٽن جي ورهاست جي سلسلي ۾ ڪابه صلاح نه ورتي وئي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سنڌ پاران فيصل واوڊا کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي اعتراض ڪندي گورنر سنڌ کي خط لکيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو