224

ڄامشورو ۾ موٽر وي پوليس چيڪنگ دوران ٻن ٽرالرن مان ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ ڪري ورتي، 3 ڄڻا گرفتار

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ موٽر وي پوليس چيڪنگ دوران ٻن ٽرالرن مان ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. پيٽارو ٽول پلازه ڀرسان انڊس هاءِ وي تي موٽر وي پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ٽرالرن مان ڪروڙن جي منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. موٽر وي آفيسر توفيق قريشي مطابق ڳجهو اطلاع ملڻ تي ٽول پلازه وٽ چيڪنگ دوران ٻن ٽرالرن مان نشي آور سوپاريون هٿ ڪيون ويون آهن،  جن جي ماليت ڪروڙن ۾ آهي، جڏهن ته ڪارروائي دوران 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان پڇاڳاڇا جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو