217

سوات، مينگوره ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهو ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات، مينگوره ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب ماڻهو ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. ري ايڪٽر اسڪيل مطابق زلزلي جي شدت 3.9 ۽ اونهائي 138 ڪلوميٽر زمين هيٺ رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز هندوڪش جابلو سلسلو هو. زلزلي جي نتيجي ۾ هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو