ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيونسن انٽرنيشنل يونيورسٽي نيامي جي ريڪٽر جي دعوت تي پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي يونيورسٽي جي سالياني گريجوئيشن واري تقريب دوران خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي سفير ڪامياب ٿيندڙ اميداوران کي مبارڪون ڏنيون. سفير جي يونيورسٽي پهچڻ تي ريڪٽر، رجسٽرار ۽ ٻين فيڪلٽي جي ميمبرن پاڪستان جي سفير جو گرمجوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو. ريڪٽر سفير کي يونيورسٽي، تعليمي معيار ۽ مستقبل جي پلانز جي باري ۾ بريفنگ ڏني. ان موقعي تي سفير شاگردن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سندن ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان جي سفير شاگردن کي مبارڪون پڻ ڏنيون. سفير احمد علي سروهي شاگردن تي زور ڀريو ته اهي مستقبل جي چيلينجز کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.هن مٿن زور ڀريو ته اهي ملڪ جي ترقي لاءِ جديد تعليم حاصل ڪن. هن چيو ته جديد ڄاڻ هاڻوڪي دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪنجي آهي، ان سان سندن ملڪ عالمي برادري ۾ احترام لائق جاءِ پئدا ڪري سگهي ٿو. سفير ريڪٽر کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو ۽ ان جي ڪوشش جي واکاڻ ڪئي، يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ شاگردن پاڪستان جي سفير جا ٿورا مڃيا.
