247

سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت کان ڪٽاس راڄ مندر جو انتظام واپس وٺي ڇڏيو، هندو ڪائونسل جي رپورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اقليتن جي حقن ڪرڪ مندر جي واقعي جي پاڻمرادو ورتل نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ڪرڪ مندر  سماڌي جي ٻيهر تعمير بابت رپورٽ طلب ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڪرڪ مندر واقعي ۾ ملوث ملزمن خلاف قانون مطابق ڪارروائي جاري رکي وڃي. سپريم ڪورٽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان ڏنل 38 ملين کان وڌيڪ هندو ڪائونسل جي رپورٽ طلب ڪندي قرار ڏنو آهي ته پاڪستان هندو ڪائونسل ٻڌائي ته 38 ملين رپيا ڪٿي خرچ ٿيا. عدالت قرار ڏنو ته پاڪستان هندو ڪائونسل پنهنجي اڪائونٽ جا تفصيل پڻ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ کي فراهم ڪري. سپريم ڪورٽ اقليتي ڪميشن جي چيئرمين اويڪيو بورڊ ٽرسٽ جي رپورٽ تي پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ملتان ۾ پرلاب مندر جي بحالي ۽ سيڪيورٽي حڪمن تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد رپورٽ طلب ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ڪٽاس راڄ مندر ڪامپليڪس جو انتظام پنجاب حڪومت کان اويڪيو ٽرسٽ بورڊ کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي قرار ڏنو آهي ته وفاقي حڪومت ڪتاف راڄ مندر جو انتظام پنجاب حڪومت کان اويڪيو ٽرسٽ بورڊ حوالي ڪري. وفاقي حڪومت ڪتاف راڄ مندر ڪامپليڪس جي  اويڪيو ٽرسٽ بورڊ کي حوالگي جي حوالي سان  ٻن هفتن ۾ يقيني بڻائي. سپريم ڪورٽ پنهنجي ملڪ ۾ هڪجهڙي نصاب بابت تعليم کاتي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ قرار ڏنو آهي ته تعليم کاتي جي رپورٽ عدالتي حڪم مطابق ناهي، سيڪريٽري تعليم جي صحيحي سان رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تي تعليم وارو وفاقي سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ عدالت آڏو پيش ٿئي. عدالت قرار ڏنو آهي ته چيئرمين اويڪيو ٽرسٽ بورڊ سمورن مندرن ۽ انهن جي سماڌين ۽ گوردوارن بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي. اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي انتظام، ملڪيتن ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ آمدني جي رپورٽ پڻ جمع ڪرائي وڃي. سپريم ڪورٽ جسٽس سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته ڪي پي ڪي جي حڪومت پنهنجي خرچ تي ڪرڪ مندر جي سماڌي جي تعمير شروع ڪئي آهي. ڇا ڪرڪ مندر جي ملزمن کان پئسن جي وصولي ڪئي وئي آهي؟  جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي عدالت کي ٻڌايو ته ملزمن کان پئسن جي رڪوري ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري چڪا آهيون. ان دوران جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته قانون مطابق ملزمن کان جلد پئسا وصول ڪيا وڃن. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڇا ملتان پرلاب مندر  سيڪيورٽي جي حوالي سان ڇا اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احسن چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته مندر ۾ هولي جو ڏڻ 26 مارچ تي ملهائڻ جو چيو ويو آهي. 26 مارچ تي مخالف ڌر لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. سياسي ماحول سبب سيڪيورٽي جي فراهمي جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو