159

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٿر پهتو، ٽريننگ ايريا جو دورو، فوجي مشقن جو معائنو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٿر جي علائقي ڇور ۾ ٽريننگ ايريا جو دورو ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف علائقي ۾ هلندڙ فوجي مشق ”جدار الحديد“ جو معائنو ڪيو  ۽ فارميشنز جي آپريشنل ۽ جنگي تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف مشق جي اعليٰ تربيتي معيار جي به ساراهه ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته سخت تربيت ۽ آپريشنل تياريون ئي امن جي ضمانت هونديون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق مشق ۾ فارميشنز جي ريگستان ۾ آپريشنل تيارين کي جانچيو پيو وڃي ۽ مشق ۾ شامل فوجي جوان گذريل ٻن هفتن کان سخت ماحول ۾ سکيا وٺي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو