178

نئون پاسپورٽ جاري نه ٿيندو، نواز شريف واپس اچڻ چاهي ٿو ته کيس خاص سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگهون ٿا، 4 مارچ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي سڪون ۽ بهتري ايندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي نئون پاسپورٽ جاري نه ٿيندو، جيڪڏهن هو ڏيهه موٽڻ چاهي ٿو ته کيس خاص سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگهون ٿا. اسلام آباد ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو  ته 20 آگسٽ 2018ع کان نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ آهي، جن جا نالا اي سي ايل ۾ هجن ته انهن کي نه نئون پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو آهي ۽ نه ئي سندن پاسپورٽ جي مدي ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي، مريم نواز سرجري جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪڏهن هوءَ اپيل ڪرڻ نٿي چاهي ته نه ڪري اها سٺي ڳالهه آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سياست لاءِ ملڪ ڇڏي ويند آهن ته اهي ووٽ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، اهو ڪهڙو سياستدان آهي جيڪو دوکو ڏئي ملڪ ڇڏي وڃي، عدالت پاڻ نواز شريف کي جيڪا هڪ ڀيرو مهلت ڏني ان جو غلط استعمال ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آهي ته نواز شريف پاڪستان واپس اچي، نواز شريف کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو نه پيو وڃي، ان جي پاسپورٽ جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي، نواز شريف ڏيهه اچڻ چاهي ٿو ته ان جي درخواست تي پاڪستان اچڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگهجي ٿو، نواز شريف پاڪستان اچڻ نٿو چاهي ته ان جي پاسپورٽ جي آئيني حيثيت نه رهندي. سينيٽ چونڊن بابت شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪوبه سرپرائيز نه هوندو، عمران خان کي سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي ملندي، جيڪو وڪجندڙ هوندو آهي ان جو ضمير ئي مئل هوندو آهي، جيڪو هڪ ڀيرو وڪرو ٿيندو آهي اهو 10 ڀيرا وڪرو ٿيندو آهي، 4 مارچ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي سڪون ۽ بهتري ايندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو