ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي نائيجر جي ٻوڏ متاثر عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ هيومنٽرين ايڪشن جي وزير کي هڪ لک ڊالرن جو چيڪ ڏنو. جاري ڪيل بيان ۾ سفير چيو ته هي چيڪ ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ ويجهڙائي وارن لاڳاپن جي علامت آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت امدادي شين سان ڀريل ٻه سي ن ٿرٽي جهاز موڪليا ۽ پي اين ايس نصر پڻ 26 فيبروري تي ڪوٽنو پورٽ تي اچي رهيو آهي. پي اين ايس نصر 36 هزار ٽن چانور کڻي ايندو. سفير احمد علي سروهي چيو ته پاڪستاني حڪومت هميشه پنهنجي نائيجر ڀائرن جي سهائتا ڪئي آهي، پاڪستان جي پرڏيهي وزير نائيجر جي وزير اعظم ۽ هم منصب سان ملاقات دوران ٻن سي ون ٿرٽي جهازن موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ چار هزار ٽن چانور شامل هئا، جڏهن ته سامونڊي ٻيڙي ۾ 36 هزار ٽن ساملن شامل آهي، الله تعاليٰ جي ڪرم سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ان کان اڳ پڻ سفارتخاني ملڪ جي ٽن رياستن ۾ ڇهه هزار ٽن چانور ورهايا هئا. هوڏانهن وقت سر امداد موڪلڻ تي نائيجر جي حڪومت پاڪستان ۽ سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان نائيجر جو بهتر ڀاءَ ۽ دوست ملڪ آهي، جنهن ضرورت وقت جمهوريا نائيجر جي مدد پڻ ڪئي آهي، نائيجر جو عوام پاڪستان جي سخاوت تي حڪومت، عوام ۽ خاص طور موجوده سفير جو تمام گهڻو ٿورائتو آهي.
