اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي پارلياماني بورڊ نجي الله خٽڪ کان ٽڪيٽ واپس وٺڻ ۽ فيصل واوڊا کي ڏنل ٽڪيٽ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيٽ چونڊن ۾ جاري ٿيل ٽڪيٽن بابت پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي خدشن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پارلياماني بورڊ فيصل واوڊا ۽ سيف الله ابڙو کي ڏنل ٽڪيٽ برقرار رکندي نجي الله خٽڪ کان ٽڪيٽ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سيف الله نيازي به موجود هو، ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
181