176

9 قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا سينيٽ ووٽ خطري ۾ پئجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي 5 ميمبرن سوڌو 9 قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا سينيٽ ۾ ووٽ خطري ۾ پئجي ويا آهن. رپورٽن مطابق قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ مختلف صوبائي اسيمبلين جي 8 ميمبرن اليڪشن ڪميشن ۾ مالي گوشوارا جمع ناهن ڪرايا، جنهن سبب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان 9 ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري رکي آهي. جن اسيمبلي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل آهي انهن ۾ اين اي 185 جو قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم زاده سيد باسط احمد سلطان، پي پي 50 نارروال مان خواجا محمد وسيم، پي پي 136 شيخوپوره مان خرم اعجاز، پي پي 272 مظفر ڳڙهه مان زهريٰ بتول، پي هي 275 مظفر ڳڙهه مان خرم سهيل خان لغاري، پي ايس 72 بدين مان حسنين علي مرزا، پي ڪي 109 مان ڪرم سيد اقبال ۽ پي ڪي 111 ڏکڻ وزيرستان مان محمد اقبال خان شامل آهن. مخدوم زاده سيد باسط احمد سلطان آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو، ان کانسواءِ تحريڪ انصاف جي 5، جڏهن ته ن ليگ ۽ جي ڊي اي جي هڪ هڪ اميدوار جي ميمبرشپ معطل آهي، ان کانسواءِ چوڌري نثار علي خان حلف نه کڻڻ تي ووٽ وجهي نه سگهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو