ملير (ويب ڊيسڪ) ملير پوليس چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حليم عادل شيخ کي تڪ مان نيڪالي ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ملير پوليس حليم عادل شيخ کي پولنگ اسٽيشن مان پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ کي گرفتار ناهي ڪيو ويو پر ان کي تڪ مان نيڪالي ڏئي رهيا آهيون. ٻئي پاسي ملير ۾ ننڍي چونڊ جي موقعي تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون آهن، جڏهن ته فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءَ پکڙجي ويو، جهيڙي کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز جا جوان الرٽ ڪيا ويا آهن.
171