118

بند رستو ڏسي پريشان ٿيڻ بدران ٻيو رستو ڳولڻ گهرجي…

ليکڪ: زبير احمد ٻوهيو

جڏھن به شعور گهٽ ۽ ٻُوسٽ مان آزاديءَ جي گهر ڪئي ته لاشعور ان کي بغاوت قرار ڏنو، جڏھن به شعور برابري جي گهر ڪئي ته تاريخ ۾ ڪڏھن ان کي زندهه ساڙيو ويو ته ڪڏھن وري فتوائون جاري ٿيون، عقل ۽ علم کان خالي دماغ، ڀوتارن جي ڀڀڪين ۽ ڪوڙن دلاسن تي هميشه جيان ووٽ ته ڏنا پر ميارون ۽ ڏوراپا هاڻ ڪنهن کي ڏجن؟ هونئن ته دماغ ۾ لکين سوال جنم وٺن ٿا پر صفائي سٿرائي  سميت ڪيترين ئي بنيادي سهولتن جي اڻهوند کي ڏسي اهو خيال پيو ٿئي ته ووٽ ڏيندڙن کي خوار ڪجي يا وٺندڙن کي ڏوراپو ڏجي؟ ذميوار آخر ڪنهن کي ڪجي؟ ننڌڻڪي ڌرتي جتي برادري جهيڙن جو خاتمو نٿي سگهيو هجي ته ان لاءِ آخر ڪير چوندو ته اتي ڪو سلجهيل ۽ امن پسند وڏڙا به رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته علائقائي امن ڪرائڻ ۾ چڱن مڙسن جو نالو ئي اڳيان ايندو آهي پر اسان جي شهرن مان شعور سان گڏ انسانيت جو احترام به ائين ئي موڪلائي ويو آهي جيئن دنيا مان سهپ ۽ رواداري،  جتي ملڪ جي ھر فرد جي ذھني صلاحيت پنھنجن ذاتي خيالن تائين محدود ٿي ويندي آھي. ڪو شاھي قبيلي جي لحاظ کان پاڻ کي اونچو سمجھي ته ڪو غربت سبب لاچار هجي، اھو اسان جي سماج جو وڏو الميو آھي. بھرحال چئي سگھجي ٿو ته نسلي فرق، ذات پرستي، سموريون اڻبرابريون ۽ نفرتون انسان جي  معيار جي ڏونگر کي ڏارڻ ۾ مشغول آھن، جنھن ڪارڻ ماڻھپي جو معيار وڃي رھيو آھي! اسان  سماج کي انساني اک سان ڏسنداسين ته ھر ماڻھو ٻئي ماڻھو لاءِ موت جو سبب بڻجي رھيو آھي جنھن جا مثال اسان وٽ ٿيندڙ روزاني جون زيادتيون مارا ماري واريون حالتون آھن. اسان جڏھن به ڪنھن سائنسي ايجاد کي ڏسنداسين ته پھرين خيال مغرب جي ملڪن جي مثالن جو ايندو آھي، ان جو وڏو سبب اھو آھي ته انھن ملڪن ۾ نفرتون، اڻبرابريون، جھالت، تنگ دلي، لالچ، وحشت، انتھاپسندي، رجعت پرستي، نسل پرستي ۽ ذات پرستي ڄڻ ته آھن ئي ڪونه، دنيا جي ڏاھپ ۽ وڏائي جا معيار سڀ انسانيت سان آھن ته پوءِ اھي سڀ شيون اسان جي معاشري ۾ جڏهن اچي وينديون تڏهن ئي ممڪن آهي ته انسانن ۾ محبت ۽ امن پيدا ٿي سگهي، جيڪو ملڪ جو ھر باشعور ماڻھو چاھي ٿو.اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين قبيلائي روايتون رائج آھن، جنھن سبب اسان کي ھر موڙ تي مايوسي ٿيندي آھي، ھاڻي اسان جو اھو فرض آهي ته اسان آگاهي ذريعي شعور جي پکيڙ لاءِ ڪردار ادا ڪيون، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن روڊ جي مرمت ٿيندي آهي يا ان کي ختم ڪري نئون روڊ ٺاهيو ويندو آهي ته اتي هڪ بورڊ لڳايو ويندو آهي ته اڳيان روڊ بند آهي، ان بورڊ جو هرگز اهو مطلب نه هوندو آهي ته اڳيان آخر تائين روڊ بند آهي توهان سفر نٿا ڪري سگهو پر ان جو مطلب رڳو اهو هوندو آهي ته صرف سامهون وارو روڊ بند آهي، اهو بورڊ پڙهي ڪو به شخص هڪ منٽ لاءِ به نه رڪبو آهي، اهو ساڄو يا کاٻو پاسو وٺي نڪري وري ان ئي روڊ تي چڙهندو آهي، جيتوڻيڪ ان سفر دوران 2، 4 منٽ ضايع ضرور ٿين ٿا پر ماڻهو منزل تي پهچي وڃي ٿو. ساڳيو ئي طريقو زندگي جي گاڏي هلائڻ جو به آهي، زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو ماڻهو سمجهندو آهي ته ان لاءِ رستا بند آهن، جيڪڏهن اهڙي ڪنهن به صورتحال ۾ ماڻهو سوچي ته جواب اهو ايندو ته صرف نظر ايندڙ رستو بند آهي، باقي سڀ رستا کليل آهن، هو ساڄو يا کاٻو پاسو وٺي سگهي ٿو. هڪ ميدان ۾ موقعو نٿو ملي ته ٻيا ميدان ۽ موقعا ڳوليا وڃن، اتان رستا ملي ويندا. پهرين صف ۾ جاءِ نٿي ملي ته ڪا به ڳالهه نه آهي، جتي به جاءِ ملي اتي سيٽ حاصل ڪري پهرين صف تائين پهچي سگهجي ٿو.  ڪنهن سان ٽڪراءَ جي صورت  ۾ ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ان ۾ ڪير اوهان جو اٿ نٿو ڏئي ته اڪيلو ڪم جي شروعات ڪريو، جيستائين ڇت جو سامان گڏ ٿئي بنيادن جو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ڪم شروع ڪرڻ کانپوءِ غيب کان به مدد ملندي آهي، ان ڪري رستو بند ڏسي گهٻرائڻ نه گهرجي، ڇو ته ٻيو رستو به ان جي پاسي ۾ ئي هوندو آهي جيڪو کليل هوندو آهي.

Zubairalibohio.732@gmail.com

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو