ليکڪ: نورخان بکراڻي
سنڌ جي سر زمين کي باب الاسلام جھڙي لقب سان نوازيو ويو آهي، پر ھن وقت صوفين ۽ درويشن جي امن واري ڌرتي سنڌ جي امن کي ڪنھن جي بد نظر لڳي وئي آهي. انا پرستيءَ جي ور چڙهيل معاشري اندر معمولي ڳالهين تان ٿيندڙ قبيلائي جھيڙن، تڪرارن ۽ اڻبڻت سبب سنڌ جا ھزارين ڪونڌر اڻمندائتي موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ ھزارين ويڙھا ۽ گھر اُجڙي ويندا آهن، اھڙن دردناڪ واقعن ۾ مائرن جون جهوليون خالي ٿينديون آهن، ونين جا ور ويندا آهن، ڀينرون ڀائرن کان ۽ ٻار پيئرن کان محروم ٿي يتيم بڻجي ويندا آهن، سالن جا سال جهيڙيندڙ ڌريون جديد هٿيارن سان هر وقت هڪٻئي تي حملا ڪنديون ۽ ڳڀرو مارينديون رهنديون آهن، افسوس آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي نه هجڻ سبب امن امان قائم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته سماجي سطح تي نواب، سردار، سياسي سماجي اڳواڻ، چڱا مڙس ۽ چونڊيل نمائندا ان عمل تي خاموش هوندا آهن، جنهن سبب عام ماڻهو جي ذهن ۾ ڪيترائي خدشا ۽ سوال جنم وٺن ٿا، اسان جو پيارو دين اسلام ته ھڪ امن جو مذھب آھي. اسلام ھر قسم جي جھيڙن، جھڳڙن، اختلافن ۽ انتشار کي ختم ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ رب پاڪ جي نزديڪ سڀني کان سٺو عمل ٻن ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ آھي. حديث مبارڪ ۾ آھي ته: ”اھو ھرگز مؤمن نه آھي، جنھن جي ھٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان محفوظ نه آھن“ ان لاءِ پاڻ سڳورن جو ھڪ ٻيو فرمان آهي ته ”ھڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي“ پاڙيسرين سان ھر وقت سُٺي نموني پيش اچڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. ٻن مسلمان ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ کي نيڪي ڪوٺيو ويو آهي. ھن وقت سنڌ صوبي جي اترين ضلعن جنھن ۾ ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي ۾ قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي سنجيدگيءَ سان ڪي به مؤثر ۽ مُثبت قدم نه پيا کنيا وڃن، جنھن جي ڪري قبيلائي جهيڙا گھٽجڻ جو نالو ئي ڪونه ٿا وٺن. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته”Justice delayed, justice denied. “ ترجمو: ”انصاف ۾ دير ناانصافي آهي“ شايد اھو ئي سبب آهي جو سنڌ صوبي ۾ ظلم جو راڄ ۽ قبيلائي تڪرار ختم ٿيڻ بدران مُسلسل وڌي رھيا آھن. ڏک ته ان ڳالھه جو ٿئي ٿو ته مظلوم طبقي جي آواز بڻجندڙ صحافي جو قلم به الائي اھڙن وڌندڙ قبيلائي تڪرارن جي معاملن ۾ خاموش ڇو آهي؟
مون اڪثر ڏٺو آهي ته روزاني جي اخبارن ۾ وڏن وڏن دانشورن ۽ ڪالم نگارن جا روزانو وڏا وڏا ليک ڇپجن ٿا، جن جو زور ڌپ ڪري ويل سياسي نظام تي هوندو آهي ۽ روزانو نان اشوز تي اهڙا ڪالم جام ڇپبا آهن، پر بدقسمتي سان اهڙن وڏن ليکڪن سنڌ جي هن بنيادي مسئلي يعني قبيلائي جهيڙن تي قلم ئي ناهي کنيو، جيتوڻيڪ سڀ کان وڏو جهاد سنڌ مان اهي جهيڙا ختم ڪرائڻ آهي ۽ ان لاءِ قلم کي تکو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جڏهن هڪ عالم ان معاملي تي لکندو ته ان جي تحرير جو اثر ديرپا هوندو آهي ۽ ان وٽ ماڻهن کي سمجهائڻ جا دليل مضبوط هوندا آهن، ان جي قلم ۽ بيان جو اثر به ٿئي ٿو، مطلب ته جيڪڏهن اسان سڀئي گڏجي هڪ شعوري ڪوشش ڪري سنڌ کي هن ٻرندڙ باهه مان ڪڍڻ چاهيون ته اهو ناممڪن نه آهي ته اسان ناڪام ٿيون، پر ضرور ان ڳالهه جي آهي ته سڀ ساڃاهه وند ۽ شعور وند ان مسئلي کي سڀ کان پهريان ته مسئلو سمجهن ۽ ان کانپوءِ سنجيده طريقي سان ان تي عمل به ڪن، جيڪڏهن ائين نه ڪيوسين ته اسان جي ڌرتي تان بيگناهن جو ڪوس ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺندو. آئون ملڪ جي اعليٰ عدالت جي چيف جسٽس صاحب کي نماڻو عرض ڪريان ٿو ته سھڻي جيجل سنڌ مان قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به فرد ڪنھن ماڻھو جي قتل ڪرڻ جو تصور به نه ڪري سگھي ۽ تڪرارن سبب ويران ٿيل علائقن مان امن جي اڏامي ويل پکيءَ کي ٻيھر آباد ڪري انھن علائقن ۾ انساني رونقون ۽ آبادي کي نئين سر بحال ڪئي وڃي ته جيئن گلن جھڙن ٻارن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ اتي تعليم جي شمع کي روشن ڪري سگھجي.