164

لطيفيات بابت نئون ڪتاب ”اندر جا اندوهه“

ليکڪ: غضنفر سولنگي

شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحه سنڌي شاعري جي عظيم صوفي روايت جو شاعر ٿي گذريو آھي، ٻين شاعرن جيان شاھه به پنھنجي ديس واسين ۽ ماروئڙن جي ڏکن، سکن، خوابن، خيالن، جاگرافيائي ماڳن، تاريخي، احساسن ۽ لوڪ جي ڪردارن ۽ داستانن جي حوالي سان پنھنجي وحدت الوجود واري  نظريي جي تشريح ڪئي آھي، شاھه مولانا روميءَ کان گھڻو متاثر پڻ ھو لطيف جي شاعري عظيم، اتم ۽ مهذب آهي، لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ کي گل جيان ڀانئيو آهي، سندس شاعري ڦُٽيءَ مان جنم وٺندڙ لباس جھڙي اجري پڻ آهي، شاھه جي ڪلام ۾ عالمي سچائي سمايل آهي ان جي شاعري جو ڪنهن خاص زمان يا مڪان سان تعلق ناهي اهو ئي ته سچ آهي ته ڀٽائي جو فڪر  انسان کي زندگيءَ جي هڪڙي مقصد تي متحد ڪري ٿو، لطيف سائين جي شاعريءَ تي جيترو لکجي گهٽ آهي جس هجي اسان جي رهنما دوست سائين اعجاز ممنائي صاحب کي جنهن لطيف تي پڻ بهترين ڪم ڪيو آهي  سائين ممنائي اسان لاءِ هميشه اهڙي سڀاءَ جو احساس ڏياريندڙ شخص رهيو آهي جيڪو هر وقت هر گهڙي دوستن جي جان رهي انهن کي مانُ ڏيندو پيو اچي، اڄ ڏينهن تائين زندگيءَ جا ڪيترائي حسين پل اسان گڏ رھيا آهيون، مفاصلي تي ھوندي به سائينءَ سان مسلسل رابطي ۾ پڻ رهندا پيا اچون، ممنائي صاحب دل جو صاف کرو ۽ سچو، علم، فلسفي ۽  ادب جو ڄاڻو  هر وقت اڳتي وڌڻ جو شوق رکندڙ انسان هجڻ ڪري هميشه هرڪم ۾ اڳ ڀريا رهيا آهن هن وقت به پاڻ سماجي توڙي علمي حوالي سان ڪيترائي ڪم ڪن پيا، محنت سبب ئي پاڻ اڄ تائين سنگت جا روح روان رهندا پيا اچن، دلبر ۽ دل گهرئي سائين اعجاز ممنائي جن کي  هن پهريئن پورهئي جون لک لک واڌايون هجن، هو شاهه لطيف جو پارکو پڻ آهن، پاڻ شاھه ڀٽائي تي لکيل هن ڪتاب ”اندر جا اندوھه“ جو ليکڪ هجڻ ناتي يقينن پهرئين پيار جيان پيارو ڪري ڏسندا هوندا، ھن دور ۾ ڀٽائي کي پڙھڻ، پروڙڻ، ان جي بيتن جي تشريح ڪرڻ ته وڏي ڳالهھ آھي پر ھاڻي ڀٽائي جا بيت رڳو درست پڙھڻ ئي وڏو مسئلو آھي، اتي اعجاز ممنائي ڀٽائي کي پڙھي، پروڙي، ڀٽائي جي ڪردارن سميت رسالي ۾ ذڪر ھيٺ آيل ڪردارن، شين، جذبن ۽ اڌمن تي لکي وڏو ڪم ڪيو  آھي. اصل ۾  ڀٽائي ڌرتي، ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آھي. اعجاز ممنائي ڀٽائي جي فلسفي، فڪر ۽ پيغام کي سادن لفظن ۾ لکي عام جي پڙھڻ ۽ انھن کي سمجھڻ جھڙو ڪيو آهي، ماضي جي ٻولي ۽ موجوده ٻولي ۾ فرق ھجڻ ڪري ڀٽائي نئين نسل کان پري ٿيندو پيو وڃي، پر اعجاز ممنائي ڀٽائي تي آسان نموني لکي ڀٽائي جو پيغام نئين نسل ڏانھن منتقل ڪيو آھي، جنھن تي قوم کي فخر ھجڻ گهرجي، هونئن به شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعري پڙهندي هر وقت نه صرف نئين لڳندي آهي پر اها شاعري نيون معنائون ۽ نوان جهان کولي ٿي ۽ لطيف کي جيترو به پڙهيو ويندو، زندگي جي گهرائين کي اوترو ئي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ملندي، ڪتاب ۾ موجود 34 جديد طريقن سان لکيل  تحقيقي مقالا آهن، جنهن جو مهاڳ محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکيو  ۽ تاثر ۾ مون سميت ليکڪ جي ويجهن دوستن ۽ ناليوارن دانشورن پڻ لکيو آهي، چار رنگو پڪي جلد سان 208 صفحن تي ٻڌل هن بهترين ۽ ساھه سان سانڍي رکڻ جهڙي ڪتاب جي ٽائيٽل تي سنڌ جي نقشي ۾ لطيف سرڪار جو روضو ڪتاب جي سونهن وڌائي ٿو، بيڪ پيچ تي ليکڪ جو تعارف پڻ ڏنل آهي، ڪتاب رومي پبلڪيشن حيدرآباد وارن شايع ڪيو آهي جنهن جي قيمت 400 رپيا رکي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو