123

سکر پوليس جو نئون جعلي مقابلو، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

سکر پوليس 18 ڏينهن اڳ ڪراچي ويندي ڀيڻ جي سامهون سکر مان گرفتار ڪيل نوجوان کي ڦورو ڄاڻائي مبينا مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته کڏهري ٿاڻي جي حد جادل جي لانڍي بچاءَ بند ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ محمد علي ٻرڙو مارجي ويو آهي، پوليس اها به دعويٰ ڪئي آهي ته سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن ۽ سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا آهن. پوليس اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڄاڻايل ڏوهاري سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، نوابشاهه، گهوٽڪي ۽ ڪراچي سميت ٻين ضلعن جي پوليس کي گهربل هو، ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي ۽ مارجي ويل ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ گهرايو پيو وڃي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڄاڻايل نوجوان محمد علي ٻرڙي کي 18 ڏينهن اڳ يعني 28 جنوري تي ڀيڻ زهران ٻرڙو سان گڏ ڪراچي ويندي سٽي پوائنٽ وٽ ڪوچ کي روڪي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ نوجوان جي ڀيڻ ۽ ٻين وارثن پوليس جي اهڙي ڏاڍ خلاف 5 فيبروري تي ٺل ۾ احتجاج پڻ ڪيو هو ۽ ان کانپوءِ هو مسلسل آواز به اٿاريندا رهيا هئا ۽ اهو ئي خدشو آهي ڏيکاري رهيا هئا ته پوليس نوجوان کي فل يا هاف فراءِ نه ڪري ڇڏي.جعلي مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي ڀينرن زهران خاتون ۽ شمشاد خاتون دانهيندي چيو آهي ته پوليس اسان سان سڌو سنئون ظلم ڪيو آهي، ڳڀرو ڀاءُ کي 18 ڏينهن اڳ اکين آڏو کڻي مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل ڪوڙي مقابلي جي عدالتي جاچ ڪرائي ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.ان کان اڳ پڻ سکر پوليس ڪنڌرا واسي نوجوان جنهن کي وارثن پاڻ ڪنڌرا پوليس وٽ پيش ڪيو هو کي پني عاقل ۾ مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو هو، جنهن جا وارث هن وقت عدالت تائين پهتل آهن، جڏهن ته 2 فيبروري تي پڻ سکر پوليس مبينا مقابلو ڄاڻائي حميد عرف شير اوڍي ۽ ٺل جي نوجوان علي خان ٻرڙي کي ڏوهاري ڄاڻائي ماريو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ٿي رهي آهي، خاص ڪري سکر ۽ خيرپور ضلعا ان حوالي سان ٽاپ تي وڃي رهيا آهن، سکر پوليس پاران لڳاتار جعلي مقابلن ۾ هاف ۽ فل فراءِ وارو ٽرم ٻيهر زور وٺي رهيو آهي، ڄاڻايل ٽرم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع ٿيل پڻ آهي، پر ڏٺو وڃي ته پوليس دينا داستي ماڻهن کي کڻي عقوبت خانن ۾ قيد رکي ٿي ۽ ڊيل نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي جعلي مقابلن ۾ ماريو وڃي ٿو، ساڳيو ئي واقعو محمد علي ٻرڙو سان به ٿيو آهي، هي ڪي اوچتا مقابلا نه آهن جن کي شعور يا ضمير قبول ڪري، ان کان اڳ پڻ ايس ايس پي سکر عرفان سمون خلاف هڪ جاچ ۾ جعلي مقابلو ثابت ٿي چڪو آهي ۽ ان کانپوءِ به سندس خلاف ڪا جوڳي ڪارروائي نه ٿي آهي، ٿي سگهي ٿو ته جعلي مقابلن ۾ ماريل ماڻهن خلاف ڪي ڪيس به داخل هجن يا ڪي  شڪايتون هجن، پر پوليس کي اهڙو لائسنس نيٺ ڪنهن ڏنو آهي ته اهي ماڻهن کي ائين کڻي قتل ڪري قانون، انصاف ۽ خود پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏين، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪي الزام آهن ته انهن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ آندو وڃي، مضبوط ڪيس داخل ڪري پڪين شاهدين سان انهن کي سزا ڏياري وڃي، اسان سمجهون ٿا ته اهڙا مقابلا نه رڳو پوليس پر سنڌ ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جي ذمري ۾ اچن ٿا ۽ ان سان نه صرف ملڪ پر عالمي ليول تي سنڌ جي حڪومت جو چهرو به داغدار ٿئي ٿو ۽ ان قسم جا ذاتي مقابلا صوبائي تشخص ۽ صوبائي حڪومت خلاف هڪ سازش آهن، جن کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي به  قدم کڻي اهڙن آفيسرن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ گهرجن ۽ ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سوموٽو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو