ليکڪ: عارف شميم
94 سال اڳ يعني 11 جنوري 1926 تي مملڪت سعودي جو قيام عمل ۾ آيو هو، سعودي عرب جي معيشت جي پکيڙ ۽ اتي موجود تيل جي دولت بابت سڀ کان اڳ 2 سوال دنيا ۾ پهريون ڀيرو تيل لاءِ ڪٿي ڊرل ڪيو ويو هو؟ ۽ ٻيو اهو ته عالمي ڪاٿن مطابق ڪهڙي ملڪ وٽ خام تيل جا سڀ کان وڌيڪ ذخيرا موجود آهن، هاڻ جيڪڏهن اوهان ان مان ڪنهن به سوال جو جواب سعودي عرب ڏنو توهان غلط آهي.سڀ کان پهريان چوٿين صديءَ ۾ چين ۾ تيل لاءِ ڊرل ڪيو ويو هو ۽ ان ڊرلنگ لاءِ ڪي مشينون موجود نه هيون، ان ڪري بانس جي وڏن وڏن لڪڙن جي مدد سان ڊرل ڪيو ويو ۽ ڪاري رنگ جو چمڪندڙ مادو ڪڍيو ويو، جيڪو پوءِ ٻارڻ جي طور تي استعمال ٿيو، تيل برآمد ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ مطابق ان جي ميمبر ملڪن ۾ 2018ع جي خاتمي تائين انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ خام تيل جا ذخيره لاطيني آمريڪا جي ملڪ وينزويلا وٽ آهن. جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون نمبر ب الترتيب سعودي عرب ۽ ايران جو آهي، وينزويلا وٽ 302.81 بلين بيرل تيل جا ذخيرا آهن، جڏهن ته سعودي وٽ اهي ذخيرا 267.03 بلين بيرل ۽ ايران 155.60 بلين بيرل سان ٽئين ۽ عراق 145.02 بلين بيرل سان چوٿين نمبر تي آهي، تازن اندازن مطابق اوپيڪ وٽ دنيا جي تيل جي ذخيرن جو 79.4 سيڪڙو حصو آهي، جنهن مان گهڻو تڻو وچ اوڀر ۾ موجود آهي. سعودي عرب ۾ تيل ڪڏهن دريافت ٿيو بابت سوال جو جواب اهو آهي ته سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو تيل مارچ 1938ع ۾ هڪ آمريڪي ڪمپني جي شراڪت سان دمام آئل فيلڊ مان 1440 ميٽرن جي گهرائي مان ڪڍيو، اها آمريڪي ڪمپني اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني آف ڪيليفورنيا هئي. پهريان ان جو نالو ڪيليفورنيا عربين اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني رکيو ويو، جيڪا بعد ۾ عربين آمريڪن آئل ڪمپني (آرامڪو) بڻجي وئي، سروي ۽ ڊرلنگ ته 1935ع کان ئي شروع ٿي وئي هئي پر 1938ع ۾ دمام جي ستين نمبر آئل فيلڊ مان تيل جي پيداوار به شروع ٿي وئي ۽ رڪارڊ مطابق 1939ع ۾ پهريون ٽينڪر تيل برآمد ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ هتان کان ئي حقيقت ۾ سعودي عرب معاشي طور تي اڏامڻ لڳو. 1949ع ۾ آمريڪي ڪمپنين جو مجموعو آرامڪو روزانو 500،000 بيرل خام تيل پيدا ڪرڻ لڳو هو ۽ آرامڪو 1958ع ۾ هڪ ڪئلينڊر سال ۾ خام تيل جي پيداوار 10 لک بيرل کان به وڌيڪ ڪري ورتي ۽ اهڙي طرح سان آرامڪو جو سعودي عرب جي تيل تي ڪنٽرول وڌندو رهيو. نيٺ 1980ع ۾ سعودي عرب فيصلو ڪيو ته آمريڪي ڪمپنين کان تيل جا سمورا اثاثا خريد ڪيا وڃن ۽ اهڙي طرح 1988ع ۾ سعودي عربين آئل ڪمپني يا سعودي آرامڪو جو قيام ٿيو، ڪمپني جي آمريڪي مالڪن سعودي عرب ڇڏڻ کانپوءِ شيورون، ٽيڪساڪو ۽ ايگزون موبل جهڙيون تيل ڪمپنيون ٺاهيون. 23 سيپٽمبر 1932ع تي سعودي عرب قائم ٿيو هو ۽ شاهه عبدالعزيز ان جو پهريون بادشاهه بڻيو، تيل جي دريافت وقت عبدالعزيز ئي سعودي عرب جو فرمانروا هو، 1953ع ۾ ان جي انتقال کانپوءِ شاهه سعود بادشاه ٿيو، 1964ع ۾ ان جي ڀاءُ فيصل کيس هٽايو ۽ پاڻ اقتدار جي گادي سنڀالي ورتي، شاهه فيصل جي دور ۾ ئي 1972ع ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب آرامڪو جو 20 سيڪڙو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو ۽ 1973ع ۾ شاهه فيصل جي قيادت ۾ سعودي عرب انهن مغربي ملڪن کي تيل سپلاءِ ڪرڻ جو بائيڪاٽ ڪيو، جن مصر ۽ شام جي خلاف جنگ ۾ اسرائيل جي حمايت ڪئي هئي، سعودي عرب جي ائين ڪرڻ سان تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڌڪ ۾ ئي چئوڻ تي واڌ ٿي وئي، پيٽروليم لاطيني ٻوليءَ ۾ ٻن لفظن پيٽرو ۽ اوليم جو مرڪب آهي، پيٽرو جو مطلب آهي پٿر ۽ اوليم جو مطلب آهي تيل. جديد دور ۾ سڀ کان اڳ تيل آمريڪا ۾ 1859ع ۾ ڪڍيو ويو. ڪرنل ايڊورڊ ڊريڪ آمريڪي رياست پينسلوانيا ۾ 27 آگسٽ 1859ع ۾ تيل جا ذخيرا دريافت ڪيا جيڪي صرف 12 ميٽرن جي گهرائي تي هئا. 1890ع ۾ تيل جي پيداوار سبب وڏي پئماني تي گاڏيون ٺاهڻ شروع ڪيون ويون، 25 مارچ 1975ع تي شاهه فيصل جي ويڳي ڀاءُ جي پٽ فيصل بن مساعد هڪ مجلس ۾ سڀني جي آڏو شاهه فيصل کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو ان وقت پنهنجي ڀائٽيي کي ڀاڪر پائڻ وارو ئي هو جو فيصل بن مساعد کيس گوليون هنيون، فيصل بن مساعد ان کان اڳ آمريڪا ۾ رهندو هو ۽ ڪجهه ئي وقت اڳ هو اتان واپس آيو هو، فيصل بن مساعد جو انهيءَ سال 18 جون تي سر قلم ڪيو ويو ۽ شاهه فيصل کانپوءِ سندس ڀاءُ خالد سعودي عرب جو بادشاهه ٿيو.هن وقت سعودي عرب وٽ دنيا جي 18 سيڪڙو تيل جا ذخيرا آهن ۽ اهو تيل وڪرو ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو سوال به آهي ته ڇا هي موجوده ذخيرن جي حوالي سان انگ اکر درست آهن؟ گذريل 5 ڏهاڪن ۾ ان سوال جو جواب تيل جي ذخيرن جي ماهرن لاءِ هڪ راز آهي، تيل موڪليندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ 2015ع جي اندازن مطابق سعودي عرب وٽ 267 ارب بيرل تيل جا ذخيره موجود آهن ۽ جيڪڏهن اهي انگ اکر صحيح آهن ته سعودي عرب جو تيل ايندڙ 70 سالن ۾ ختم ٿيندو ۽ ان حساب لاءِ روزاني اوسط 12 لک بيرل جي استعمال جي اندازي طور لڳائي وئي آهي، پر سعودي سرڪاري انگن اکرن بابت شڪ موجود آهن. ان جو سبب اهو آهي ته 1987ع ۾ سعودي عرب پنهنجي ذخيرن جي انگن بابت چيو هو ته اهي 170 عرب بيرل آهن پر 1989ع ۾ انهن ان ڪاٿي جو انگ وڌائي 260 ارب بيرل ڪيو هو، 2016ع جي اسٽيٽسٽيڪل رويو آف ورلڊ انرجي مطابق سعودي عرب هن وقت تائين 94 ارب بيرل تيل وڪڻي چڪو آهي پر انهن جي سرڪاري ذريعن مطابق انهن وٽ اڃا به 260 کان 265 ارب بيرل تيل موجود آهي. جيڪڏهن حڪومتي اطلاع صحيح آهن ته ان جو مطلب آهي ته يا ته سعودي عرب تيل جا نوان ذخيره دريافت ڪيا آهن يا وري ان موجوده ذخيرن جو ٻيهر جائزو وٺي انهن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ذخيرن ۾ واڌ جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته جن ٺڪاڻن تان تيل ملي پيو، اتي وري تيل نڪري آيو آهي، يا اهي کوهه ٻيهر ڀرجي ويا آهن، سعودي عرب ۾ 1936ع کان 1970ع جي وچ ۾ تيل جا بيشمار ذخيره دريافت ٿيا هئا ۽ ان کانپوءِ گهڻو ڪري نيون دريافتون ناهن ٿيون، مسئلو اهو آهي ته جتي جتي تيل جي پيداوار ٿي رهي آهي، ان جي تفصيلن يا ذخيرن بابت حڪومت هر ڳالهه ڳجهي رکي ٿي ۽ ان جا تفصيل صرف ڪجهه ئي ماڻهن وٽ هوندا آهن.اهڙي حالت ۾ ڪنهن به ڳالهه جي تصديق ڪرڻ ڏکيو آهي، ماهر به اها ڳالهه يقين سان نٿا ٻڌائي سگهن ته سعودي عرب ۾ تيل جي پيداوار ڪڏهن گهٽجڻ شروع ٿيندي، تيل جي ذخيرن جو ڪاٿو لڳائڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ان ڳالهه جو اندازو لڳايو وڃي ته پيداوار شروع ٿيڻ کان اڳ ڪيترائي ذخيره موجود هئا ۽ ان اندازي کي او او آءِ پي چيو وڃي ٿو.1970ع جي ڏهاڪي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق راءِ موجود هئي ته سعودي عرب ۾ 530 ارب بيرل او او آءِ پي موجود هئا.آمريڪي ڪمپني آرامڪو 1970ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ سعودي عرب جي تيل جا مستند ذخيره 110 ارب بيرل ٻڌايا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ مستقبل ۽ امڪاني ذخيرن کي ترتيبوار 178 ارب بيرل کان 248 ارب بيرل ٻڌايا هئا. گلف نيوز اخبار ۾ ڇپجندڙ هڪ رپورٽ مطابق 2019ع جي اڌ تائين آرامڪو 46.9 ارب ڊالر جو منافعو ڪمايو آهي، جيڪو گذريل سال کان 12 سيڪڙو گهٽ آهي. مبصرن مطابق آرامڪو جي لسٽنگ جو بنيادي سبب ولي عهد محمد بن سلمان جو اهو منصوبو آهي، جنهن تحت سعودي عرب جي معيشت جو بار تيل تان گهٽائي ان کي وسيع بنيادن تي پکيڙڻ آهي ۽ ان کي 2030 ويزن چيو پيو وڃي ۽ سعودي ۾ ان تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي.