اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي جمعي تي شروع ٿيندڙ 29 هين سيشن لاءِ خصوصي حفاظتي انتطامن جي منظوري ڏني وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پاڻ سان گڏ ڪنهن مهمان کي نه آڻين. ڪورونا جي صورتحال جي پيش نظر سڀني ميمبرن ۽ عملي جي لاءِ داخلي دروازن تي ٽيمريچر چيڪ ڪرائڻ لازمي هوندو. ان کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ هائوس جي صدر دروازي سان گڏ ئي ڪورونا ٽيسٽ سينٽر به قائم ڪيو ويندو.
146