لاهور (ويب ڊيسڪ) نامياري اداڪاره ماهره خان کي پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي ٽيم جو برانڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل 3 ۽ پي ايس ايل سيزن 4 کانپوءِ ماهره خان کي ٽيون ڀيرو پشاور زلمي جو برانڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد آفريدي ٽوئيٽر تي ماهره خان کي برانڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جاويد آفريدي جو چوڻ هو ته خوشيءَ سان اعلان ڪريان ٿو ته پي ايس ايل 6 ۾ پشاور زلمي ٽيم جي برانڊ ايمبيسيڊر ماهره خان کي مقرر ڪيو ويو آهي.
218