144

لاهور قلندرز شاهين آفريدي کي نائب ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم لاهور قلندرز شاهين آفريدي کي نائب ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن ۾ لاهور قلندرز جي اڳواڻي سهيل اختر ڪري رهيو آهي، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. لاهور قلندرز جي ثمين رانا جو چوڻ آهي ته قلندرز هميشه نوجوان ڪرڪيٽرن کي اڳيان آندو آهي، شاهين شاهه آفريدي کي نائب ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو قلندرز جي پليئر ڊولپمينٽ سوچ جي عڪاسي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو