تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن تهران ۾ ٿيل ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان ملاقات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد جواد ظريف زور ۽ زبردستي جي پاليسين جي مخالفت ڪندي علائقائي مسئلن جي حل لاءِ علائقي جي ملڪن جي گڏيل سهڪار تي زور ڀريو آهي. محمد جواد ظريف قطر جو گهيراءُ ختم ٿيڻ جون مبارڪون ڏيندي قطر سان ايران جي تعلق جي اهميت جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ايران سمورن شعبن ۾ قطر سان سهڪار لاءِ تيار آهي. قطر جي پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحمن بن جاسم آل ثاني به ايران سان سمورن ميدانن ۾ تعلق کي هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته خطي کي سهڪار جي ضرورت آهي. قطر ان سلسلي ۾ هر طرح جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
214