173

پي ڊي ايم جو لانگ مارچ به جلسن جيان ناڪام ويندو، سينيٽ چونڊن ۾ سولائيءَ سان ڪاميابي ماڻينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جو لانگ مارچ به جلسن جيان چڱي ريت ناڪام ويندو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ ترجمانن حڪومتي فيصلن ۽ ڪفايت شعاري تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته مشڪل حالتن ۾ حڪومت ساڻن گڏ آهي، وزيراعظم هائوس جو خرچ 49 سيڪڙو گهٽايو ويو آهي، اسان جي دور ۾ وزيراعظم آفيس جو خرچ 506 ملين مان گهٽ ٿي 243 ملين ٿيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ سولائيءَ سان ڪاميابي ماڻينداسين، اسان بهترين اميدوارن کي سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏنيون آهن، اسان ارب پتي ماڻهن کي سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏيڻ واري روايتي کي ختم ڪيو آهي، پارليامينٽ ميمبر خدشن باوجود پارٽي سان گڏ آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جون شڪايتون ختم ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو