ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ٿيا آهن جڏهن ته 270 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 645 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 9504 نمونن جي جاچ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 270 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي تشخيصي شرح جو 2.8 سيڪڙو آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 18 مريض فوت ٿيا جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي تعداد 4244 آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هيستائين 2892773 نمونن جي جاچ ڪئي وئي آهي ۽ 254285 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 645 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو ڪُل تعداد 236499 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 93 سيڪڙو صحتيابي جي شرح آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت 13542 مريضن جو علاج جاري آهي جن ۾ 13030 گهرن ۾، 13 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 481 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن ٻڌايو ته 439 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن مان 59 مريضن کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهن. هن ٻڌايو ته 270 نون ڪيسن مان 155 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلعي ڏکڻ 58، ضلعي اوڀر 46، ضلعي سينٽرل 20، ضلعي اولهه 17 ۽ ضلعي ملير 14 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي ريت حيدرآباد 31، ڄامشورو ۽ عمرڪوٽ 11-11، شهيد بينظير آباد 10، جيڪب آباد ۽ ٽنڊوالهيار 8-8، شڪارپور ۽ سجاول 5-5، نوشهروفيروز 3، گهوٽڪي، مٽياري، سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻو 2-2، قمبر، دادو ۽ بدين 1-1 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
145