اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سنگل تي حادثي ۾ 4 نوجوانن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ ڪشمالا طارق جي پٽ اذلان ۽ فوت ٿيندڙ ٻن ڄڻن جي وارثن وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي. اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ ڪشمالا طارق جي پٽ اذلان جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج ڪئي. ان دوران جوابدار جي وڪيل سعيد خورشيد جو چوڻ هو ته فوت ٿيندڙ ن جي وارثن سان ٺاهه ٿي چڪو آهي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته فوت ٿيندڙن جا وارث ڪٿي آهن؟ جوابدار جي وڪيل ٻڌايو ته وارث عدالتي ڪمري ۾ موجود آهي، جن حلف نامو عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ان موقعي يت عدالت ۾ ڪيس جي فريادي مجيب جي ڀاءَ به عدالت ۾ وڪالت نامو جمع ڪرايو، جڏهن ته فوت ٿيندڙ فاروق ۽ عادل عباسي جي والدين عدالت ۾ بيان پڻ ڏنو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي فريادي جي وڪيل کي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيڻ سان گڏ ايندڙ ٻڌڻي تائين پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته هو جوابدار جي لائسنس جي به تصديق ڪري کڻي اچي. عدالت اذلان جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
161