سانگهڙ/ملير/نئون آباد/جهول/رڪن ٻرڙا/ڪنڊياري (نمائندن وٽان) سانگهڙ ۽ ملير چونڊ ۾ پ پ ميدان ماري ورتو، ڄام شبير علي ۽ يوسف بلوچ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ٿي ويا، ٻنهي تڪن تي پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ڄام نواز علي جي پي ايس 43 ۽ پي ايس 88 جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جن موجب ڄام نواز علي جي تڪ پي ايس 43 تي پ پ جي تاريخي فتح حاصل ڪري ورتي آهي، پ پ اميدوار ڄام شبير علي 49571 ووٽ کڻي ڪامياب حاصل ڪئي ۽ ماضي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ان تڪ تي گذريل اليڪشن ۾ ڄام مدد علي به 36 هزار ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، تڪ تي پي ٽي آءِ اميدوار مشتاق جوڻيجو کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جي ڊي اي جي حمايت باوجود 6931 ووٽ کڻي سگهيو، تڪ جي 132 پولنگن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا جاري ٿي ويا آهن، ٻئي طرف ملير جي پي ايس 88 تي به پيپلزپارٽي سوڀاري ٿي وئي آهي، غري سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ جي يوسف مرتصيٰ بلوچ 21731 ووٽ کڻي چونڊ کڻي ورتي آهي، پي ٽي آءِ اميدوار جانشير جوڻيجو 4753 ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ اميدوار 4480 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو، ايم ڪيو ايم جي حصي ۾ 2634 ووٽ آيا، تڪ تي ووٽنگ جو ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو، ملير تڪ تي سڄو ڏينهن ڇڪتاڻ رهي، مختلف پولنگن تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ حامي آمهون سامهون رهيا، ڇڪتاڻ ۽ هوائي فائرنگ جا واقعا پيش آيا، جنهن سبب سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، پي ايس 43 ۽ پي ايس 88 تي ڪاميابي تي پ پ حامين ۽ ووٽرن پاران جشن ملهايو ويو ۽ خوشي ۾ جهمريون هڻي مٺائي ورهائي وئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ اميدوارن کي واڌايون ڏنيون آهن، هوڏانهن پ پ اميدوار ڄام شبير علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ثابت ٿي ويو ته پ پ کي اڄ به عوام اعتماد حاصل آهي، اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس، ٻئي طرف پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري چيو آهي ته ضمني چونڊ ثابت ڪيو ته سليڪٽڊ کي وڃڻو پوندو، ملير ۾ حليم عادل هٿيار لهرائيندو رهيو، اهڙي سزا ملڻ گهرجيس، جهڙي بدمعاش جي سزا هوندي آهي.
