152

وفاقي حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيپرا کي خودمختيار بڻائڻ جا شرط قبول ڪري ورتا، آءِ ايم ايف پروگرام بحال

واشنگٽن / اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن هيٺ اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيپرا کي خودمختياري ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي ۽ اهري پڪ ملڻ تي آءِ ايم ايف جي جائزه مشن  پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر منظور  ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.  ان سلسلي ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان  جو اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي پڌرائيءَ موجب پاڪستان سڌارن جي پروگرام جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان جو قرض پروگرام بحال ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ ٻي کان پنجين جائزي جي منظوري ڏني آهي ۽ جائزي مشن 50 ڪروڙ ڊالرن جو قرض جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا ويندا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان قرض پروگرام جا ٻيا هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت نيپرا جي خود مختياري لاءِ قانون تبديل ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري لاءِ به قانون سازي ڪئي پئي وڃي. آءِ ايم ايف پڌرائيءَ موجب پاڪستان طرفان سرڪاري ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ قانون سازي جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ڪورونا خرچن جي آڊٽ جي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جڏهن ته حڪومت اينٽي مني لانڊرنگ قانونن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان کي مڪمل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو. ٻي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ چيو  آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي ٿيل معاهدو هڪ سٺي ۽ اهم اڳڀرائي آهي،  ڪورونا وبا سبب پيدا ٿيل ڏکيائين تي ڀرپور ڪوششن سان ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو